ڪنڌڪوٽ: بدامني خلاف شيعه علماء ڪونسل پاران احتجاجي ڪيمپ قائم

Spread the love

ڪشمور (رپورٽ: طلعت نظير دايو) ڪنڌڪوٽ ۾ اڄ شيعه علماء ڪونسل پاڪستان ضلع ڪشمور تعلقه ڪنڌڪوٽ ۾ اغواء براء تعاون ڦر لٽ ۽ اغواء ٿيل وڪيل مزار علي گولو ۔واجد علي گولو۔معصوم محمد عظيم ميڻڪ ۔نياز علي لاشاري ۔نور الدين بهلڪاڻي۔۽ ڪنڌڪوٽ مان ٻين مغوين  جي آزادي لاء گهنٽا گهر چوڪ تي ڪميپ لڳائي وئي۔جنهن ۾ زيري قيادت  شيعه علماء ڪونسل پاڪستان صوبا سنڌ جي صدر ڊاڪٽر علامه سيد اسد اقبال زيدي ڪئي ۔جنهن ۾   شيعه علماء ڪونسل پاڪستان ضلع ڪشمور جي صدر بشير احمد حيدري ۔ضلع جنرل سيڪريٽري جميل حيدر ساجدي۔ ضلع ڊپٽي جنرل سيڪريٽري زاهد علي۔ تعلقه صدر سيد رحم علي شاھ ۔تعلقه جنرل سيڪريٽري نديم عباس بزمي۔ تعلقه سينئير نائب صدر راجا علي سنجراڻي۔تعلقه ڊپٽي جنرل سيڪريٽري سيد ريجهل شاھ ۔۽ مدرسا ارشاد الثقلين جي پرنسپل علامه ادب حسين نجفي ۔مدرس مولانا فرمان علي عسڪري ۔مدرسا ارشاد الثقلين و امام بارگاھ ڪربلا ڪنڌڪوٽ جي متولي استاد امداد علي گولو ۽  مختلف سياسي ۔سماجي۔ مذھبي ۔وڪلاء ۔صحافين۔ پڻ شرڪت ڪئي ۔جنهن ۾  سنڌ  سيد ايسوسيئشن جي صدر سيد لطف علي شاھ ۔ مجلس  وحدت المسلمين ضلع ڪشمور جي صدر مير فائق علي جکراڻي ۔جمعيت علماء اسلام جي اڳواڻ مفتي عبدالرحيم پٺاڻ ۔جماعت اسلامي جي ضلع اڳواڻ غلام مصطفي ميراڻي ۔ايس ٽي پي ۔جي ضلع صدر اڪرم خان باجڪاڻي ۔ايس يو پي ۔جي ضلع صدر دلمراد ڏاهاڻي ۔قومي عوامي تحريڪ جي ضلع اڳواڻ شاھ علي سهرياڻي ۔ سنڌ ملاح فوم جي اڳواڻ بشير احمد ميراڻي ۔صرافا اڳواڻ حاجي حضور بخش سوناري ۔ضلع بارجي  ميمبر ايڊووڪيٽ سليم عباس قريشي ۔ ميڊيڪل ايسوسيئشن جي اڳواڻن ۔درزي ايسوسيئشن جي اڳواڻن ۔جعفريه اسٽوڊنٽس آرگائيزيشن جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري علي نواز ساجدي۔JSOڊويزنل جنرل سيڪريٽري زاهد حسين ساجدي ۔JSOيونٽ سٽي ڪنڌڪوٽ جي صدر راجا امير حسن گولو ۔۽ گولا برادري ميڻڪ برادري ۽ شھرين وڏي انگ ۾  امن امان جي حوالي سان شرڪت ڪئي ۔اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪنڌڪوٽ شھر ۾ آئي ڏينهن ڦر لوٽ اغواء جون وارداتون ڏينهون ڏينهن وڌيون وڃن پيو اسين سنڌ سرڪار سان مطالبو ڪيون ٿا۔ته جلد کان جلد اغواء ٿيل مغوين کي بازياب ڪريو وڃي ۽ ڪنڌڪوٽ شھر ۾ امن امان جي فضا قائم ڪئي وڃي۔ جيئن ڪنڌڪوٽ جي عوام سک جو ساھ کڻي ۔

جُون 3, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو