ڏوڪري: مقتول عورت جي وارثن جو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

Spread the love

ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري هفتو اڳ ڪورٽ جي احاطي ۾ قتل ٿي ويل مقتولا عورت جي وارثن قرآن شريف مٿي تي کڻي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪيو آهي، ان موقعي تي مقتولا عورت جي پيءُ محمد صالح سانگهرو، ماءُ سلمہ خاتون، مسمات ڪبره، ڀاءُ گدا حسین ۽ ٻين ميڊيا جي نمائندن اڳيان دانهيندي چيو آهي ته پوليس اسان سان ڪو به تعاون نٿي ڪري، بيگناهه اسان جي نياڻي تهمينہ  سانگهرو کي هفتو اڳ سندس مڙس اويس جتوئي ۽ ڏير اياز جتوئي عرف پپو ۽ ٻين جوابدارن ڏوڪري ڪورٽ اندر فائرنگ ڪري قتل ڪيو هو، جنهن جو ڪيس حد جي ڏوڪري ٿاڻي تي داخل ٿيل آهي، پر پوليس هن وقت تائين جوابدار گرفتار ڪرڻ ۾ سستي جي مظاهرو ڪري رهي آهي، هنن ڊي آئي جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو آهي ته سندن ڪيس ۾ گهربل سمورا جوابدار جلد کان جلد گرفتار ڪري کين انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن پوليس جو چوڻ آهي ته مقتولا عورت جي مڙس گرفتار ڪري ورتو آهي، ڪيس ۾ گهربل ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي رهيا آهيون، جلد ٻين سمورن جوابدارن کي به گرفتار ڪيو ويند ۽ مقتول عورتن جي وارثن سان هر وقت تعاون ڪري رهيا آهيون ۽ مقتول عورت جي خون سان انصاف ڪيو ويندو

جُون 3, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو