پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير عثمان بزدار پاران سياست کان پري ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جو اڳوڻو وڏو وزير پرويز الاهي هڪ ڪيس جي آزادي جو حڪم ملڻ کانپوءِ ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ٿي ويو. لاهور جي ضلعي ڪچهري ۾ پرويز الاهي خلاف ترقياتي منصوبن ۾ مبينا ڪرپشن ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. اينٽي ڪرپشن پوليس پرويز الاهي کي عدالت ۾ پيش ڪري سندس 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي اپيل ڪئي. سرڪاري وڪيل موقف اختيار ڪيو ته پرويز الاهي کان پڇا ڳاڇا ڪرڻي آهي، هن اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي خزاني کي نقصان پهچايو. جڊيشل مئجسٽريٽ غلام مرتضيٰ پرويز الاهي جي جسماني رمانڊ جي درخواست رد ڪندي اڻ پورين شاهدين جي بنياد تي کيس ڪرپشن جي ڪيس مان آجو قرار ڏئي ڇڏيو. عدالت هدايت ڪئي ته جيڪڏهن پرويز الاهي ٻئي ڪنهن ڪيس ۾ گهربل ناهي ته کيس فوري طور آزاد ڪيو وڃي. اينٽي ڪرپشن پرويز الاهي جو راهداري رمانڊ وٺي ٻئي ڪيس ۾ کيس ٻيهر گرفتار ڪري ورتو، هاڻ کيس اينٽي ڪرپشن گوجرانوالا حوالي ڪيو ويندو ۽ اتي ئي منتقل ڪيو ويندو. هوڏانهن غالب مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس به پرويز الاهي جي گرفتاري لاءِ تيار ٿي وئي آهي، پرويز الاهي خلاف غالب مارڪيٽ ٿاڻي ۾ دهشتگردي جي قلمن تحت ڪيس داخل آهي، دهشتگردي جي انت واري خاص عدالت پرويز الاهي جي عبوري ضمانت خارج ڪئي هئي. ٻئي پاسي پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ تحريڪ انصاف اڳواڻ عثمان بوزدار سياست ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عثمان بوزدار 9 مئي واقعن جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته مان فوج سان گڏ بيٺو آهيان ۽ اڳتي به فوج سان گڏ ئي رهندس. هن چيو ته 14 مهينن کان مختلف عدالتن ۾ ڪيسن کي منهن ڏئي رهيو آهيان.

جُون 3, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو