وڊيو: شاهين آفريدي جا هڪ ئي اوور ۾ 4 ڇڪا
پنهنجي شاندار بالنگ سان بيٽرن کي پريشان ڪندڙ شاهين آفريدي بيٽنگ ۾ به ڪنهن کان گهٽ ناهي، هن هڪ ئي اوور ۾ 4 ڇڪا هڻي ڇڏي.انگلش ٽي ٽوئنٽي بلاسٽ ۾ شاهين آفريدي جي بيٽنگ جا به چرچا ٿي رهيا آهن، هن ناٽنگهم شائر جي نمائندگي ڪندي مخالف ٽيم خلاف هڪ ئي اوور ۾ 4 ڇڪا هنيا. شاهين 11 بالن تي 29 رنسن جي اننگز کيڏي، سندس آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ ناٽنگهم جي اميدون به دم ٽوڙي ويون ۽ ان کي شڪست جو منهن ڏسڻو پيو. واضح رهي ته شاهين آفريدي ان کان اڳ به وائٽلٽي بلاسٽ جي ميچ ۾ آخري اوور ۾ ڇڪو هڻي پنهنجي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري هئي.
