مٽياري ۾ ذخيره اندوز واپارين کاڌي جي شين جا  اگھھ نھ گھٽايا

Spread the love

مٽياري (رپورٽ) اشرف شاھ وفاقي حڪومت پاران گيھ، کنڊ، داليون، سگريٽ، يوريا ڀاڻ، ايل پي جي گئس ۽ ٻين شين ريٽ گهٽائڻ باوجود مٽياري ۾ ذخيره اندوز واپارين اگھ نہ گھٽايا ۽  عوام کي ٻنھي ھٿن سان ڦرڻ ۾ مصروف، ضلعي انتظاميہ بہ تحرڪ نہ ورتو، شهرين پاران ڪاروائي جي گهر، خبر موجب. وفاقي حڪومت پاران گيھ، کنڊ، داليون، سگريٽ، يوريا ڀاڻ، ايل پي جي گئس ۽ ٻين شين جي اگھن کي گهٽائڻ باوجود مٽياري ۾  ذخيره اندوز واپارين ھڪ ھٽي قائم ڪري اگھ نہ گھٽايا ۽ پراڻن اگھن کي برقرار رکندي عوام کي ٻنھي ھٿن سان ڦرڻ ۾ مصروف آھن، بناسپتي گيھ تي 68، کاڄرو آئل 90 رپيا، کنڊ 15 رپيا، داليون 30 رپيا ڪلو تي ريٽ گهٽايا ويا آهن سگريٽ، يوريا ڀاڻ 5 سو رپيا ٻوري تي گهٽ ڪيو ويو ۽ ايل پي جي گئس 37 رپيا ڪلو جو فرق ٿيڻ باوجود مٽياري ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ شيون گهٽجي نه سگھيون آھن، جڏهن ته اگھن کي ڪنٽرول ڪندڙ پرائيس ڪنٽرول کاتو آفيسن ۾ ويٺي مال ملڻ سبب فوٽو سيشن ڪرڻ ۾ پورو آهي، جڏهن ته ان معاملي تي ڪو بہ عملي قدم نہ کنيو ويو آھي ۽ ضلعي انتظاميہ بہ ڪو تحرڪ نه ورتو آھي، مٽياري جي شھرين اعظم سومرو، مصري جکريجو، حاجي خادم ميمڻ ۽ ٻين سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آھي تہ اگھن تي ضابطو آڻڻ لاء پرائيس اينڊ ڪنٽرول کاتي جي نااھل راشي ڪامورن خلاف سخت قدم کڻي اگھن ۾ گھٽتائي نہ آڻيندڙ ذخيرہ اندوز واپارين خلاف ڪيس داخل ڪري عام واھپي وارين شين جي سرڪاري ريٽ تي عمل ڪرائي عوام کي رليف ڏنو وڃي، ٻئي طرف واپارين ٻڌايو تہ اسان به اهي ريٽ صرف سوشل ميڊيا تي ڏسون پيا پر اصل ۾ فيڪٽرين ۽ دلالن وٽان ريٽ ساڳيو پيو اچي ڪابہ گھٽتائي ناھي ڪئي وئي.

جُون 3, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو