مٽياري: لوڊشيٽنگ ۽ حيسڪو عملي جي ناجائزين خلاف پ پ اڳواڻن پاران احتجاج

Spread the love

مٽياري (رپورٽ: اشرف شاھ) مٽياري ۾ ھٿراڌو لوڊشيٽنگ ۽ حيسڪو عملي جي ناجائزين خلاف پيپلزپارٽي پاران محمد ھاشم سمون . يوٿ ونگ اڳواڻ جميل منگواڻو . وسيم مسعوداڻي . منور علي دايو . پرويز ميمڻ . رضا سمون جي اڳواڻي ۾ مٽياري پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي مظاھرين جو چوڻ ھو تہ ضلعي ھيڊ ڪوارٽر شھر ۾ 14 کان 16 ڪلاڪ لوڊشيٽنگ ڪئي پئي وڃي جنھن سبب شھري سخت اذيت ۾ آھن اڳواڻن جو چوڻ ھو تہ شھرين جي سخت احتجاج باوجود رات جي واري لوڊشيٽنگ ختم نہ پئي ڪئي وڃي جنھن سبب شھر ۾ چورين جو آزار وڌي ويو آهي ان کان سواء ھر ڪلاڪ ۾ 10 منٽن جا جھٽڪا ڏياري شھرين جي گھرن جون بجلي تي ھلندڙ شيون ساڙيون پيون وڃن ان کان سواء لائيٽ کي جھٽڪا ڏياري ھٿ سان ٽرانسفارمر ساڙي وري مختلف پاڙي وارن کان 40 کان 50 ھزار وٺي پوء لڳايا پيا وڃن مظاھرين جو چوڻ ھو تہ ايس ڊي او مٽياري شھرين سان ملڻ لاء تيار ناھي اسان اعلا عملدارن کان مطالبو ٿا ڪيون تہ شھر مان لوڊشيٽنگ جو آزار ختم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجن قومي شاھراھ بلاڪ ڪنداسين.

جُون 3, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو