ميرپورماٿيلو ۾پاڪ فوج جي حمايت سوين ماڻهن پاران ريلي ڪڍي وئي
گهوٽڪي (رپورٽر: محمد امين سومرو) ميرپورماٿيلو ۾پاڪ فوج جي حمايت ۾ ڏهرڪي کان سوين ماڻهن ريلي ڪڍي ميرپورماٿيلو ۾ ڊي ايڇ ڪيو پريس پهتا ريلي ۾ شريڪ اڳواڻن پاران پاڪستان زنده آباد پاڪ فوج زندہ آباد جا نعرا، پاڪستان اسان جو پيارو ملڪ آهي ۽ پاڪ آرمي اسان جي فوج جيڪا پاڪستان جي چپي چپي جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻي ٿي ۽ اسين عوام پاڪ فوج سان گڏ آهيون، اڳواڻ تفصيل موجب پاڪ فوج جي حمايت ۾ ڏهرڪي کان سوين ماڻهن ريلي ڪڍي ميرپورماٿيلو ۾ ڊي ايڇ ڪيو پريس پهتا ريلي ۾ شريڪ اڳواڻن پاران پاڪستان زنده آباد پاڪ فوج زندہ آباد جا نعرا هنيا ويا ان موقعي تي اڳواڻن راجا خان مهر، ميرمهر، اربيلو مڱريو، مولوي جان محمد مهر ۽ ٻين چيو ته پاڪستان اسان جو پيارو ملڪ آهي ۽ پاڪ آرمي اسان جي فوج جيڪا پاڪستان جي چپي چپي جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻي ٿي ۽ اسين عوام پاڪ فوج سان گڏ آهيون ۽ هميشه گڏ هوندا سين هنن چيو ته پاڪ فوج اسان جي آهي ۽ اسان پاڪ فوج ۽ پاڪستان جا آهيون.
جُون 3, 2023