ملير: ايڊيشنل ڊائريڪٽرسوشل ويلفئر پاران عوامي پريس ڪلب جو دورو
ملير (رپورٽ: قادر درس) سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر پاران عوامي پريس ڪلب ملير جو دورو، صحافين سان ملاقات، عوامي پريس ڪلب ملير مختصر عرصي ۾ صحافت سان گڏوگڏ فلاحي ڪمن ۾ به مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي، عبدالحميد شيخ جون صحافين سان ڳالھيون تفصيل موجب: سوشل ويلفيئر کاتي جي وفد ايڊيشنل ڊائريڪٽر عبدالحميد شيخ، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر ارشد راجپوت ، اسسٽنٽ سوشل آفيسر مراد ميمڻ سب ڊويزن همايون رضا ڪالهه عوامي پريس ڪلب ملير جو دورو ڪيو ۽ صدر قادر درس، جنرل سيڪريٽري سيد سجاد علي شاهه، خزانچي سيد عنايت علي شاهه، آزاد يونس، تنوير خاصخيلي ۽ ٻين سان ملاقات ڪئي ان موقعي تي ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر عبدالحميد شيخ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته عوامي پريس ڪلب ٿوري ئي عرصي ۾ صحافت سان گڏ ملير ۾ به فلاحي ڪمن ۾ مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي جنهن تي نه رڳو عوامي پريس ڪلب ملير جي ڪاميابي آھي پر اها ڳالھہ سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ لاءِ بہ خوشي جو سبب آهي هن چيو ته صحافي فلاحي ڪمن لاءِ بنيادي ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا اسان کي عوام جي ضرورتن جي خبر آهي ۽ اسان کي سندن رهنمائي هيٺ بهتر ڪم ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو هن چيو ته عوامي پريس ڪلب ملير ۽ ٻين سماجي تنظيمن جي سهڪار سان سٺو ڪم ڪيو آهي اسان کي اميد آهي ته ملير جا صحافي مستقبل ۾ به عوام جو آواز ۽ انهن جي مطالبن ۽ ضرورتن کي اسان تائين پهچائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهندا سوشل ويلفيئر ڊپارٽمنٽ جي وفد سماجي تنظيمن سوشل ڊولپمنٽ آرگنائيزيشن، ڪراچي رورل نيٽورڪ ۽ مھراڻ اورينيس جي آفيسن جو بہ دورو ڪيو
جُون 3, 2023