شهباز گل آمريڪي شهري طور پاڻ کي پي ٽي آءِ جو فارن ايجنٽ رجسٽر ڪرائي ڇڏيو

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گل آمريڪي شهري طور پاڻ کي پي ٽي آءِ جو فارن ايجنٽ رجسٽر ڪرائي ڇڏيو. شهباز گل پاڻ کي آمريڪا جي فارن ايجنٽ رجسٽريشن ايڪٽ تحت رجسٽر ڪرايو، جنهن کانپوءِ آمريڪي جسٽس ڊپارٽمينٽ طرفان شهباز گل کي رجسٽريشن نمبر جاري ڪيو ويو آهي. شهباز گل پي ٽي آءِ لاءِ آمريڪا ۾ ملاقاتن ۽ فنڊ ريزنگ جي تفصيلن سان ڊپارٽمينٽ آف جسٽس کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، گل هن سال 19 اپريل کان 9 مئي تائين آمريڪا ۾ پي ٽي آءِ لاءِ 9 ملاقاتن جا تفصيل فراهم ڪيا آهن. شهباز گل آمريڪي رجسٽريشن دستاويزن ۾ ڏنل بيان ۾ چيو آهي ته آمريڪي ادارن کي پاڪستان ۾ انساني حقن ۽ جمهوري قدرن جي ڀڇڪڙين کان آگاهه ڪندس، مان آمريڪي پاڪستانين ۽ آمريڪي سينيٽرن سان ملاقاتون ڪندس، آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ۽ جسٽس ڊپارٽمينٽ ۾ به ملاقاتون ڪندس.

جُون 3, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو