سکر ۾گرمي: برف جي تيار ٿيل شين جون قيمتون آسمان سان ڳالھيون ڪرڻ لڳيون
سکر (رپورٽ .امداد علي گل ڪلوڙ) گرمي جي شدت وڌڻ سان سکر ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برف جي گهرج ۾ اضافو، برف جو اگهه 15 کان 25 رپيا في ڪلو تائين پهچي ويو، غريبن لاءِ برف تحفو، تفصيل موجب گرمي جي شدت ۾ واڌ سان گڏ سڄي ملڪ جي ٻين شهرن وانگر سنڌ جي ٽئين وڏي شهر سکر ۾ به برف جو وڪرو تيزيءَ سان وڌڻ لڳو آهي، شهري برف خريد ڪري ٿڌو پاڻي حاصل ڪري رهيا آهن. اونهاري جي موسم ۾ شهر ۾ آئس فيڪٽريون ڏينهن رات برف ٺاهڻ ۾ مصروف آهن ۽ گاڏين ذريعي برف مختلف علائقن ۾ پهچائي پئي وڃي جڏهن ته ڪيترن ئي شهرين پنهنجي آمدني وڌائڻ لاءِ ننڍڙا اسٽال لڳائي برف وڪرو ڪرڻ جو ڪاروبار شروع ڪري ڇڏيو آهي،گرمي ۾ واڌ سبب برف جي گهرج وڌي رهي آهي. گرمي جي لهر ۾ غريبن لاءِ برف وڏو تحفو آهي، بجلي جي لوڊشيڊنگ سبب فيڪٽرين مان برف جي تياري گهٽجڻ ڪري آئس فيڪٽري مالڪ به اگھ وڌائي ڇڏيا آهن جنهن ڪري غريب ماڻهن برف جي خريداري به گهٽائي ڇڏي آھي۔
جُون 3, 2023