سکر: سيپڪو عملدارن واپڊا هائيڊرو يونين جو ٻيو مطالبو پورو ڪري ڇڏيو

Spread the love

سکر (رپورٽ: امداد علي گل ڪلوڙ )سيپڪو عملدارن واپڊا هائيڊرو يونين جو هڪ ٻيو مطالبو پورو ڪري ڇڏيو، سکر سرڪل جي 140 لائين مينن کي بي پي ايس 7 مان بي پي ايس 9 ۾ پروموشن ڏنو ويو، واپڊا هائيڊرو اڳواڻن پاران سي اي او سيپڪو سکر جا ٿورا مڃيا، ملازمن جي حقن لاءِ جدوجهد جاري رهندي، شجاع گھمرو،نذر ميمڻ ۽ ٻين جو بيان تفصيل موجب واپڊا هائيڊرو يونين پاران لائين مينن، ميٽر ريڊرن، بل ڊسٽريبيوٽرن ۽ ٻين ننڍن ملازمن کي پروموشن ڏيڻ جي مطالبي ۽ سي اي او سيپڪو جي هدايتن تي سپرنٽينڊنٽ انجنيئر سيپڪو منظور سومرو ڪالهه سکر سرڪل سان تعلق رکندڙ 140 ملازمن کي گريڊ 7  مان ترقي ڏني وئي. بي پي ايس 9 ۾ ترقي ڏئي ڇڏي ترقيون ملڻ سبب  سيپڪو جي لائين مينن ۾ خوشي جي لهر پکڙجي وئي آهي، مطالبا پورا ڪرڻ تي سي اي او سيپڪو سکر ۽ ايس اي سيپڪو سکر جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته واپڊا جا مزدور مرڪزي صدر عبداللطيف نظاماڻي جي اڳواڻي ۾ متحد آهن. مزدورن جي حقن لاءِ جدوجهد جاري رکنداسين ۽ انشاءَ الله اسان جي اها جدوجهد پنهنجا حق ملڻ بعد ئي ختم ٿيندي.

جُون 3, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو