سچل ڳوٺ: سالياني امتحانن جا نتيجا پڌرا، شاگردن کي انعام ڏنا ويا

Spread the love

ڪراچي (رپورٽ: ثناء ﷲ هڪڙو) گورنمينٽ بوائز ۽ گرلز اسڪول ( سيڪنڊ شفٽ ) سچل ڳوٺ ڪراچي جي سالياني امتحان جا نتيجا پڌرا ڪيا ويا. پوزيشن ڪڻندڙ ٻارن کي ٽرافيون، ميڊل، سرٽيفڪيٽ ۽ نقد انعام ڏنا ويا. ھن يادگار تقريب جي صدارت نالي واري اديب، شاعر، پروڊيوسر، ڪلاڪار سائين بيدل مسرور ڪئي، جڏهن ته مھمان خاص، مڪلي گروپ جو روح روان سينئر نائب صدر ، ڊائو ميڊيڪل اسپتال جي ايمرجنسي انچارج ڊاڪٽر ممتاز علي بلوچ ، مڪلي گروپ جو جنرل سيڪريٽري، ٽبا ھارٽ ھاسپيٽل جو آئي ٽي انچارج، ھر وقت انسانيت جي خدمت ۾ مصروف محترم شبير احمد ڀٽو ، مڪلي گروپ جو سيڪريٽري ماليات، تعليم لاءِ جاکوڙيندڙ محترم غلام مصطفيٰ عباسي ، سچ سوشل ويلفيئر جو اڳواڻ محترم عبدالوهاب سومرو ، ميڊيا سان وابسته ۽ مڪلي گروپ جو سرڪرده ساٿي محترم مير خان بنگلاڻي ، پريس سيڪريٽري محترم اعجاز کٽياڻ ، محترم عطاءﷲ عباسي ، محترم خورشيد مگسي ، محترم عبدالحفيظ سروھي ، ايس ايم سي عھدیدارن، والدين ۽ استادن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مھمانن تعليم جي اھميت تي تقريرون ڪيون، ان موقعي تي محترم عبدالوهاب سومري پوزيشن کڻندڙ ٻارن ۾ تعريفي سندون تقسيم ڪيون، محترم ڊاڪٽر ممتاز علي بلوچ  اعلان ڪيو ته خدا نخواستہ ھن اسڪول جو ڪوب ٻار بيمار ٿئي ٿو ت ان مفت علاج ڪيو ويندو.

جُون 3, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو