سيوھڻ ۾ مھانگائي شھرين جي چيلھھ چٻي ڪري ڇڏي
سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي) سيوھڻ ۾ مھانگائي عوام جي چيلھ چٻي ڪري ڇڏي آھي، سيوھڻ جو غريب عوام ڪاڏي وڃي، سيوھڻ جي عوام حڪومت پاڪستان ۽ حڪومت سنڌ کان روز مره جي استعمال ٿيندڙ شين ۾ سستائي ڪرڻ جي گھر، سيوھڻ شھر ۾ روز مرہ جي استعمال ٿيندڙ شين جي اگھن ۾ اڃان تائين گھٽتائي ن آئي، جڏھن ت حڪومت پاڪستان تيل جون ڪيتريون قيمتون گھٽائي ڇڏيون آھن، پر پوء ب ٽرانسپورٽر گاڏين جو ڪرايو ن گھٽائي رھيا آھن، ذريعن کان معلوم ٿيو آھي ت حڪومت روز مره جي استعمال ٿيندڙ شين ۾ ب ڪيتري لاٿ پڻ ڪئي آھي، پر سيوھڻ شھر جا واپاري اڃان تائين روز مره جي شين جا اگھ گھٽ ن ڪري رھيا آھن، جيڪو سيوھڻ جي غريب عوام سان ظلم ڪري رھيا آھن، جڏھن ت سيوھڻ شھر ۾ ھينئر اٽو 150 روپيه ڪلو وڪرو ٿي رھيو آھي جڏھن ت کنڊ 130 روپيه ڪلو وڪرو ٿي رھي آھي جڏھن ت گيھ 450 روپيه ڪلو وڪرو ٿي رھيو آھي، جڏھن ت کائڻ جو تيل جيڪو 450 روپيه ليٽر وڪرو ٿي رھيو آھي، جڏھن ت حڪومت پاڪستان گيھ اٽو کنڊ کائڻ جي تيل جون ڪيتريون ئي قيمتون گھٽائي ڇڏيون آھن، پر سيوھڻ جا واپاري ھول سيل جا واپاري مٿي ڏسيل شين جي اگھن کي ن گھٽائي رھيا آھن، جيڪو سيوھڻ جي غريب عوام سان بي واجبي سيوھڻ جا ھول سيل جا واپاري ڪري رھيا آھن، جڏھن ت سيوھڻ ۾ ڪوب چيڪ ۽ بيلنس ن آھي، ھتي سيوھڻ ۾ سيوھڻ تعلقي جي انتظاميه اگھور ننڊ ۾ ستل نظر اچي رھي آھي، سيوھڻ ۾ ڪوب اھڙو عملدار ن آھي جو ڪنھن ھول سيل جي واپاري کان پڇي سگھي ڇو ت ھتان جا ھول سيل جا واپاري ب گھٽ ن آھن، جڏھن ت ڪوب عملدار دوڪاندارن کان اگھ چيڪ ڪرڻ لاء ڪيتري وقت کان ن پھتا آھن، سيوھڻ جي غريب عوام ڪنھن در دانھن ڏيئي، خدارا سيوھڻ جي عوام تي رحم ڪريو ۽ سيوھڻ جي غريب عوام کي ٻنھي ھٿن سان ن لٽيو، سيوھڻ جي عوام ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو کان مطالبو ٿي ڪري ت روز مره جي استعمال ٿيندڙ شين جي اگھن ۾ گھٽتائي آڻڻ لاء سيوھڻ جي ھول سيل جي واپارين ۽ دوڪاندارن جي ريٽ لسٽن جي چيڪنگ ڪريو، ۽ واپارين سان ميٽنگون ڪريو، ۽ سيوھڻ جي عوام کي روز مره جي استعمال ٿيندڙ شين جي اگھن ۾ گھٽتائي آڻايو، ۽ سيوھڻ جي غريب عوام کي رليف مھيا ڪرائي ڏيو. جڏھن ت مون ھڪ واپاري سان فون تي رابطو ڪيو ان کان مون پڇيو ت اوھان کي ھول سيل جي واپارين کان کنڊ ،گيھ ، تيل اوھان کي ڪيتري ملي ٿو ت ان جو چوڻ ھئو ت مون کي ھول سيل جا واپاري کنڊ جو ڪٽو 50 ڪلو وارو 5750 ۾ ڏيئي رھيا آھن، جڏھن ت گيھ جو ڪارٽون 6400 روپين ۾ ڏيئي رھيا آھن، تيل جو ڪارٽون 05 ليٽر وارو 2000 روپين ۾ ڏيئي رھيا آھن.
جُون 3, 2023