دهشتگردي ٽوڙ عدالت ياسمين راشد کي جناح هائوس حملي ڪيس مان آجو ڪري ڇڏيو

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت تحريڪ انصاف اڳواڻ ياسمين راشد کي جناح هائوس حملي ڪيس مان آجو ڪري ڇڏيو. پوليس ياسمين راشد کي جناح هائوس حملي ڪيس ۾ عدالت ۾ پيش ڪيو هو ۽ جسماني رمانڊ جي اپيل ڪئي هئي. عدالت ياسمين راشد جي جسماني رمانڊ جي اپيل رد ڪري ڇڏي ۽ کيس ڪيس مان آجو قرار ڏئي ڇڏيو. هوڏانهن تحريڪ انصاف پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڪوڙي ڪيس ۾ ياسمين راشد سميت پي ٽي آءِ جي هزارين ڪارڪنن کي 24 ڏينهن جيل ۾ رکڻ ۽ ميڊيا تي ڪوڙي پروپئگنڊا ڪرڻ تي ڪنهن ڪنهن کي سزا ملندي؟ پي ٽي آءِ موجب ياسمين راشد ڪينسر جي مريض ۽ برزگ عورت آهي، جنهن سڄي زندگي ڊاڪٽر طور ماڻهن جون حياتيون بچائيندي گذاري ۽ وزير طور ڪورونا وبا دوران ڪروڙين زندگيون بچايون.

جُون 3, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو