دادو:عدالت ۾ تلاشي وٺڻ تي سردار خان جي اھلڪار تي ڪاوڙ، کيس ڌڪو ڏنو
دادو(رپورٽ: سرور جلال سولنگي) جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ام رباب چانڊيو جي 3 گهر ڀاتين جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي گذري، ڪيس جو فريادي پرويز چانڊيو ۽ ام رباب چانڊيو عدالت پهتا،جڏهن ته جوابدار ڌر پ پ ايم پي ايزز سردار احمد خان چانڊيو، برهان خان چانڊيو پڻ عدالت پهتا جڏهن ته ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن کي عدالت ۾ آندو ويو،دادو عدالت ۾ ڊيوٽي تي موجود اهلڪار طرفان تلاشي وٺڻ تي سردار خان ڪاوڙجي پيو اهلڪار کي ڌڪو ڏئي سندس هٿ پري ڪري ڪورٽ اندر داخل ٿي ويو،جڏھن ته برهان خان تلاشي وٺڻ دوران مسڪرائيندو رهيو،جڏهن ته فريادي ڌُر جي پڻ تلاشي ورتي وئي، دادو ماڊل ڪرمنل ڪورٽ جي جج حافظ عطا الله شيخ پاران ڪيس جي ٻڌڻي 15جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي،عدالت ٻاهريان ام رباب چانڊيو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته قانون سڀني لاء برابر آهي، سردار چانڊيو اڄ اهلڪار کي ڌڪو ڏئي تلاشي ڏيڻ نه ڏني،هي جاگيردار عدالتن ۾ اچي اهڙيون حرڪتون ڪندا ته پوء اسان پاڻ کي ڪئين محفوظ سمجهون،اسان جي گيٽ تي تلاشي ورتي ويندي آهي، اسان ڪنهن به اهلڪار کي تلاشي کان ناهي روڪيو، سردار چانڊيو پاران اهلڪار جي توهين ڪرڻ عدالتن ۽ آء جي سنڌ کي نوٽيس وٺڻ گهرجي،6 حاضرين کان جوابدار ڌر اسان جي ڪيس جي فريادي کان سوال جواب ڪري رهيا آهن ڀلي هي سوال جواب ڪن اڄ به هڪ ڪلاڪ کان مٿي ڪيس هليو آهي اسان حق سچ تي بيٺا آهيون ۽ ان تي قائم آهيون قانون سڀني لاء برابر آهي،ايندڙ حاضري تي اميد آهي بهتر نموني چيڪنگ ٿيندي، جڏهن ته سردار چانڊيو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ام رباب کي چئو ته ڪيس لڙي سياست نه ڪري باقي جيڪي سياست ڪن ٿا انهن کي منهن ڏئي وٺنداسين، اهلڪار کي ڌڪو ناهي ڏنو،ان جو هٿ پري ڪيو آهي،اڳيان روڪي صوبيدار تلاشي ورتي وري ٻيهر تلاشي ڇو، ڪنهن کي بندوق ناهي هئين جو ان کي اشو بڻايو وڃي،ام رباب کي بيهاري تلاشي ورتي وڃي ته اسان به ڏيڻ لاء تيار آهيون،
جُون 3, 2023