بجيٽ ڪلوزنگ: دادو جي مختلف کاتن کي ايڊيشنل گرانٽ جاري ڪرڻ بابت انڪشاف
دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي) هڪ طرف ملڪ معاشي بحران ۾ ته ٻئي طرف فنانس کاتي سنڌ پاران بجيٽ ڪلوزنگ کان اڳ دادو جي مختلف کاتن کي ايڊيشنل گرانٽ جاري ڪرڻ جا انڪشاف ٿيا آهن،دادو سول اسپتال کي ايڊيشنل گرانٽ جي نالي هڪ ڪروڙ اپريل جي مهيني پئٽرول، مريضن جي کاڌ خوراڪ ۽ گئس جي مد ۾ جاري ڪري ڇڏيا،دادو سول اسپتال جي عملي پاران 40 لک روپيا مريضن جي کاڌ خوراڪ، 40 لک مريضن کي آڪسيجن ۽ 20 لک روپيا پئيٽرول ۾ خرچ به ڏيکاري ڇڏيا،اهڙي طرح دادو جي مختلف کاتن روينيو، ايريگيشن،روڊس، پبلڪ هيلٿ، صحت،تعليم،لائيو اسٽاڪ، فشريز سميت ٻين کاتن کي سنڌ فنانس کاتي پاران ايجنٽن جي معرفت ڪانٽيجنسي، ميڊيڪل بلز ۽ ٻي مد ۾ ڪروڙين روپيا جاري ڪيا ويا آهن،سول اسپتال انتظاميا ايڊيشنل گرانٽ جو ليٽر ملڻ شرط دادو ٽريزري آفيس مان بل به پاس ڪرائي رقم ڪڍرائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ذريعن موجب فنانس کاتي پاران مختلف کاتن کي 25 سيڪڙو ڪميشن عيوض پوري سنڌ اندر ڪروڙين روپيا رليز ڪيا آهن،جڏهن ته سرڪاري کاتن ۾ جون جي ڪلوزنگ ويجهون ايندي ئي دادو ٽريزري آفيس ۾ ميڊيڪل، ڪانٽيجنسي بل سميت ٻين بلن جي ڀرمار لڳل جنهن سبب مختلف کاتن جي ڪلارڪن توڙي آفيسرن جا ٽريزري آفيس جا چڪرن مٿان چڪر دادو ٽريزري آفيس جي مختلف کاتن جي آڊيٽر ۽ ايڊيشنل آفيسر ۽ ضلع آفيسر ۽ چيڪ سيشن جي انچارج جو عيد کان الڳ عيدون، سماجي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته هڪ طرف سنڌ حڪومت ۽ وفاق معاشي بحران جو گيت ڳائي رهي آهي پر رڪارڊ ۾ جون جي ڪلوزنگ کان ڪميشن عيوض فنانس کاتو سنڌ دادو سميت پوري سنڌ جي مختلف کاتن کي ايڊيشنل گرانٽ طور ڪروڙين روپيا جاري ڪري ڇڏيا آهن جيڪي ڪرپشن جي ور چڙهي ويا آهن، سماجي اڳواڻن پاران نيب توڙي ٻين ادارن کان فوري طور فنانس کاتي سنڌ جي اهڙي عمل خلاف جاچ ڪرڻ جو مطالبو ڪندي قومي خزاني تي ڌاڙو هڻندڙ خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي,
جُون 3, 2023