ڪتاب ”شهيد ملير غلام مرتضيٰ بلوچ“ تي هڪ نظر

Spread the love

رکيل مورائي

شايد جن ماڻهن جي عمر ٿوري هوندي آهي، اهي تيزيءَ سان منزلون ماڻي وٺندا آهن، غلام مرتضيٰ بلوچ جنهن کي اسين پيار مان سدائين هر قسم جي غلاميءَ کان آجو ڏسڻ لاءِ ”مرتضيٰ بلوچ“ ڪري سڏيندا هئا، ان جو سبب اهو به شاهد هجي جو اسين سندس وڏي ڀاءُ انور بلوچ صاحب جا دوست هئاسين جنهن کي مرتضيٰ سدائين پنهنجي بابا جي جڳهه تي رکيو. ڇاڪاڻ ته سندن والد صاحب مرتضيٰ جي ننڍي هوندي گذاري ويو هو.

ڪراچي جي ملير ضلعي ۾ جن حالتن ۾ هو سياست آيو ۽ ملير واسين جو دليون کٽيائين اهو هڪ معجزو آهي. هن جيڪا محنت ڪئي ۽ ڪراچيءَ جي ڳوٺن کي جيڪا ترقي وٺائي ان سندس وفات کان پوءِکيس ”شهيد ملير جو اعزاز بخشيو. سچ پچ جيڪڏهن عمر ساڻس وفا ڪري ها ته هو ڪراچيءَ جو وڏو سياستدان ۽ اهو به وطن دوست ۽ عوام دوست سياستدان ٿي اڀري ها پر شايد اهڙن شخصن جي عمر گهٽ هوندي آهي، هن جن ماڻهن جو دليون کٽيون سندس وفات تي اهي دليون اوڇنگاريون ڏئي رنيون جيڪي اڄ تائين مرتضيٰ بلوچ کي وساري نه سگهيون ۽ ڪڏهن به وساري سگهن اهو ڏاڍو مشڪل آهي. غلام مرتضيٰ بلوچ ٻه هزار ويهه تي وقت کان اڳ اسان سڀني کان موڪلائي ويو، سندس ٽين ورسيءَ جي موقعي تي ادا انور بلوچ جي مدد سان اسان جي دوست نامياري اديب محمد علي پٺاڻ شهيد ملير غلام مرتضيٰ بلوچ جي نالي سان هڪ عاليشان ڪتاب ترتيب ڏنو آهي، جنهن ۾ سندس وفات تي لکيل تعزيت ناما ڏنا ويا آهن. جنهن ۾ غلام مرتضيٰ بلوچ جي شخصيت، ۽ سندس ڳوٺاڻي ترقي بابت ڪيل ڪمن ڪارين جو وچور به ڏنو ويو آهي.

هيءُ ڪتاب پڙهي محسوس ٿيندو ته سندس باري ۾ ملڪي، توڻي سنڌ جي سياستدانن سان گڏ ملير سميت سندس اڻ وقتائتي موت کي ڪيئن محسوس ڪيو ويو  آهي ۽ اڄ تائين هو کيس ڪيئن ياد رکي رهيا آهن.

ڪنهن به شخص تي جڏهن ڪو به ڪتاب لکيو وڃي ٿو يا ترتيب ڏنو وڃي ٿو ته اهو شخص سدائين لاءِ محفوظ ٿي وڃي ٿو. موت هن کي جسماني طور ته وٺي وڃي ٿو پر هو عملي طور ان ڪتاب ۾ سدائين لاءِ محفوظ رهجي وڃي ٿو، زندهه رهي وڃي ٿو. هن خوبصورت ڪتاب ۾ غلام مرتضيٰ بلوچ نه صرف علمي طور موجود آهي پر تصويري طور به سندس زندگي محفوظ ٿي وئي آهي، هڪ شخص جو هڪ دستاويز آهي، هيءُ ڪتاب جيڪو لکڻين ذريعي به ۽ تصويرن ذريعي به محفوظ ٿي ويو آهي، محمد علي پٺاڻ ڪنهن به طرح هن سانڍڻ جهڙي ڪتاب ترتيب ڏيڻ لاءِ هڪ کان وڌيڪ جس لهڻي.

ڪتاب کي جنهن سهڻي نموني ڇپرايو ويو آهي اهو پڻ اعليٰ ڪتاب جو نمونو آهي، چمڪندڙ ڪاغذ تي چئن رنگن ۾ ڇپيل هي ڪتاب ليکن ۽ تصويرن جو هڪ خوبصورت ميلاپ آهي، جيڪو شهيد ملير غلام مرتضيٰ بلوچ کي تاريخ ۾ سدائين محفوظ رکندو. اهڙي پڪ ڪرڻ گهرجي. ڪتاب ۾ لکندڙ تعزيت نامن جي هڪ ڊگهي فهرست آهي جيڪا ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ ۽ تصويرن ڏسڻ کان پوءِ محسوس ڪري سگهجي ٿي.

هيءُ ڪتاب اڄ شهيد غلام مرتضيٰ بلوچ جي ٽين ورسيءَ واري تقريب ۾ پڌرو ڪيو ويندو. پوڻن ٽن سئو صفحن تي ٻڌل هي ڪتاب چئن رنگن ۾ خوبصورت ٽائيٽل سان پڪي جلد ۾ ڇاپيو ويو آهي، ڪتاب رائيل سائيز ۾ آهي، جيڪو نه رڳو پڙهڻ جهڙو آهي پر ڏسڻ جهڙو پڻ!شايد ان ڪري جو شهيد غلام مرتضيٰ لاءِ ادا انور بلوچ جو پيار به هن ڪتاب ۾ شامل آهي ۽ محمد علي پٺاڻ جو پورهيو به. پڪ آهي ته هي ڪتاب حوالي طور ياد ڪيو ويندو! ڪتاب وڪري کان آجو آهي، ڇاڪاڻ جو هن جي ڪا به قيمت نه رکي ويئي آهي. قيمتون ته ڪمائڻ لاءِ رکيون وينديون آهن محبت جو ملهه ڪٿي هوندو آهي، ته ڌڻي تعاليٰ ڪن ڪن کي نصيب ڪندو آهي ۽ هي محبتون غلام مرتضيٰ بلوچ جو نصيب آهن جيڪي هن ڪتاب جي صورت ۾ ماڻهن طرفان کيس ارپيون ويون آهن.

ماڻهو جيڪي هر طبقي سان ۽ زندگيءَ جي هر شعبي سان وسطو رکندڙ آهن پر گهڻو ڪري عوامي سياست سان. ڇاڪاڻ جو غلام مرتضيٰ بلوچ هڪ سياستدان طور اڀريو، جيتوڻيڪ منجهس هڪ سماج سڌارڪ ۽ علم دوست واريون خوبيون به موجود هيون، جن جو عملي ثبوت اهي ادارا آهن جيڪي سندس ڪوششن سان ڪراچيءَ جي ڳوٺن کي گهڻو اڳتي وٺي آيا. انهن ڳوٺن کي جن کي ڪراچيءَ ۾ هڪ تعصب جي نظر سان ڏٺو ٿي ويو ۽ اُهي ترقيءَ کان بنهه ٻاهر رکيا ٿي ويا جيڪي دراصل ڪراچيءَ جي سونهن به آهن ته سگهه به آهن.

جُون 2, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو