ملير: هندو واپاري جي گهر ۾ ڌاڙي جي ڪوشش، مزاحمت تي واپاري پٽ سميت زخمي
ملير (ڊر) ملير جي علائقي ابراهيم حيدري ۾ هٿياربندن جي هندو واپاري پوهو مل جي گهر ۾ ڌاڙي جي ڪوشش، گهر مالڪ جي مزاحمت تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ واپاري پٽ سميت زخمي، اسپتال منتقل، تفصيل موجب: صبح جو فجر مهل هٿياربند ابراهيم حيدري ۾ واپاري پوهو مل شيوڪاڻي جي گهر ۾ گهڙي گهر ڀاتين کي هٿيارن جي زور تي يرغمال ڪري بدترين تشدد جو نشانو بڻائي ڦر لٽ ڪئي ان موقعي تي گهر ڀاتين مزاحمت ڪئي ته هٿياربندن سڌيون گوليون هڻي هندو واپاري پوهو مل ڪيسواڻي ۽ سندس پٽ گوندا ڪيسواڻي کي زخمي ڪيو فائرنگ تي پاڙي وارا جاڳي پيا گهر آڏو گڏ ٿيا جنهن بعد هٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا هوڏانهن ابراهيم حيدري ۾ وڏي واردات باوجود پوليس ڪجھ به نه ڪري سگهي آھي جڏهن تہ زخمين کي سندن مائٽن ضياءُ الدين اسپتال منتقل ڪيو آھي ابراهيم حيدري جي واپاري ۽ پيپلزپارٽي جي اڳواڻ مکي اوڌامل جو چوڻ هو ته واقعي جو اطلاع گيانچند ايسراڻي، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ سان رابطو ڪري هٿياربندن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو آهي ايس ايڇ او ابراهيم حيدري جو چوڻ هو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري يقيني بڻائي ويندي علائقي ۾ سي سي ٽي فٽيجز ذريعي جوابدارن جي نشاندهي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي
جُون 2, 2023