اسٽيبلشمينٽ جو اڻيل ڄار ۽ پاپولر اڳواڻن جي ڪھاڻي
يوسف سيف
ملڪ ۾ سياسي ڀونچال آيل آھي. ان بابت وٺان وٺان لڳي پئي آھي، سوشل ميڊيا ۾ ڪئين دلچسپ ۽ پر مغز تبصرا جاري آھن.ڳالھھ جي ڳنڍ کي کولڻ يا قصي جي سري پڪڙڻ جي، ڪوشش ھلندڙ آھي.
ڪنھن سياڻي چيو ھو تھ،مسئلي کي حل ڪرڻ جا ٽي طريقا آھن، ڳالھين سان ڳالھھ ٽوڙڻ، ڳالھھ نھ ٺھڻ تي ”جھيڙو ڪرڻ“ آخري آھي، جي پھچي نھ سگھجي تھ ڀڄي جان بچائڻ سولي سنڌي ۾” ڀڄڻ ڪم وريامن جو “. ساڳيو سوال ھڪ فوجي عملدار جي سامھون آيو تھ، ھن وٽ بھ ٽي حل ھئا،ھڪ درست طريقو، ٻيو غلط طريقو ۽ ٽيون، فوجي طريقو.
ويجھي يا پر ي جي تاريخ ۾ ڦيرو ڦرڻ سان ڳالھھ پڌري پٽ پيل آھي، تاريخ ۾”پٺتي پيرا“ کڻبا آھن.ڪنھن وارادت جي صورت ۾، چورن يا ڏوھارين جي کوج لڳائڻ جي لاءِ ”پير کڻڻ“ جو تصور آھي،جنھن ۾ پتو پوندو آھي، تھ چور ڪيڏانھن ويو يا ويا، پر ڪن صورتن ۾ ”اڳتي پيرن جي نھ لڳڻ“ تي وري جاچ ڪبي آھي تھ .”ابتا پيرکڻي “ ڳالھھ سمجھڻ جي ڪوشش ڪجي،جنھن سان خبر پئجي سگھندي آھي تھ چور آيا ڪھڙي پاسي کان ھئا.ھاڻوڪي سياسي ماحول کي پڻ ائين سمجھڻ جي ڪوشش ڪجي.
رياست جي ٽن ٿنڀن بعد چوٿون بھ آپشنل سبجيڪٽ جيان شامل آھي.پارليامينٽ يعني جوڙيندڙ ادارو، عدليھ تشريح ڪندڙ ادارو۽ قانون تي عمل ڪندڙ يعني ايگزيڪيوٽو ، انھن جي نگراني ڪندڙ کي چوٿون ٿنڀ سڏين يعني پريس آھي.
ماھرن ان مضمون ترتيب ڏيڻ وقت، ھڪ نظر نھ ايندڙ ۽ ھر ھنڌ موجود ان طاقت بابت ڪا وضاحت نھ ھئي،جيڪا ھن ملڪ ۾ ايسٽيبلشمينٽ جي نالي سان سڃاپجي ٿي.جيڪا سڀني جي مٿان آھي،جنھن جو جمھوريت جي نالي ۾ پاڪستان جھڙي گھڻ آبادي ۽گھڻ قومي رياست، ۾ ڪم سڀني کان ”نرالو“ آھي.توھان چئي سگھو ٿا تھ ملڪ ۾ مخلوق نوري،ناري۽ خاڪي آھي.
1970 کان اڳ واري سياست ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي آمد ٿي، جنھن جي جماعت ٿوري عرصي ۾ چونڊن ۾”حيران ڪندڙ“ ڪاميابي ماڻي،ڪجھھ عرصو جمھوريت جو تجربو بھ ٿيو،جنھن مان ”نوري“ مخلوق سبق سکي ورتو تھ ڪنھن کي بھ ”سمورو پاور“ نھ ڏبو.جنھن بعد دنيا ڏٺو تھ ھيڏي وڏي مقبول اڳواڻ کي ”ماکي مان وار جيان“ رستي تان ھٽايو ويو.
زيد اي ڀٽو نھ رڳو ملڪي پر عالمي سطح جو مقبول ليڊر ھو. ڀٽي سان گڏ جيل ويندڙن معافي ناما لکيا،وڏا وڏا ليڊر ڊھي پيا، ڪجھھ ڏينھن جي جيل ۾ سندن ايمان مھمان“ جيان ڪي ڏينھن ٽڪي موڪلائي ويو“
تڏھن اڃان ”مسلم ليگ“ لفظ سياست ۾ مقبول ھو،جنرل ضيا ملڪ جي تاڃي پيٽي ۾ ڪئين مشينون فٽ ڪيون،جيڪي مستقبل جي خاصي رٿابندي ھئي.عوام پر جھڙي تھڙي جمھوريت جي ٿوري ٿڪي فيض مان گھڻو پرايو ھو.جنھن کي وري وسارڻ ڏکيو ھو، ان ۾ ڪو شڪ ناھي تھ ڪئين التوا ۾ پيل معاملن تي جمھوريت جي گاڏي خاصي اسپيڊ سان ڪم ڪيو ھو،جنھن ۾ صحت ۽ تعليم، روزگار وارا پاسا اھم آھن.ملڪ ٿورو ھلي پيو ھو، ضيا واري دور ۾ ريورس گير لڳي ويو،ملڪ جو ڦيٿو ابتو ڦريو، افغاني جھاد جي نالي ۾ شدت پسند قوتن مٿان ھٿ رکيو ويو،مذھبي لاڙا واڌايا ويا،رياست جمھوريت نالي لڳايل ٻوٽي کي ڀيلائي ڇڏيو.
1985 ۾ غيرجماعتي چونڊون ڪرائي وري اسيمبلي مان، ھڪ ڪنگز پارٽي ”ڄڻائي“ وئي.جنھن جي دائي ايسٽيبلشمينٽ ھئي.ڳالھ مزو نھ ڪيو تھ ان مان وري ھڪ ٻيو .”ٻچو ڄڻايو“ ويو،،جوڻيجو مسلم ليگ مان وري نواز مسلم ليگ نڪتي.جنھن تي ايسٽيبلشمينٽ”ھٿ رکيو“.
1988 وارين چونڊن سان جڙيل محترمھ بينظير ڀٽو جي حڪومت جو مدو مختصر رھيو. ( 2 ڊسمبر 1988 کان 6 آگسٽ 1990 ).1988 بعد شروع ٿيل جمھوريت جي ٻئي مرحلي ۾ ٿوري وٿي ملي ھئي،پر اسٽيبلشمينٽ مسلم ليگ ن تي ڀروسو ڪيو.پر پيپلزپارٽي کي اينٽي اسٽيبلشمينٽ جي قيمت چڪائڻي پئي.
1997 ۾ ميان نوازشريف کي ”ڳرو مينڊيٽ“ مليو. کيس ئي سمجھھ ۾ نھ پئي آيو تھ ايترو ووٽ ڪئين مليو ھو. جڏھن ھن پاڻ کي طاقتور سمجھڻ شروع ڪيو،جيتوڻيڪ ان وقت نوازليگ جي جمھوريت ۾ اھڙي ”انڌ“ ٿي، جنھن کي جمھوريت جو نالو ڏيڻ ئي ”شرمندگيءَ“ ھئي، پنھنجي غرور ۾ نوازشريف بھ جڏھن مڳي ڏيکاري تھ، ڳري مينڊيٽ سميت ھمراھ وڃي ڦھڪو ڪيو.
ان دور جي مقبول بڻايل مسلم ليگ ن تي بھ جڏھن ڏکيا ڏينھن آيا تھ ڪئين اڳواڻڻ معافي ناما لکيا، ڏوھھ بخشجي ويا.مشرف جي ”نرالي مارشل لا“ ملڪ مٿان لاڳو ٿي، جنھن جي ابتدائي ستن نڪتن ۾ ”انقلابيت“ جو روح وڌل ھو،آمر جي حمايت لاءِ ڪافي ڏسڻا وئسڻا ميدان تي نڪري آيا،محلاتي سياست جي نئين صف بندي ٿي،نوازشريف جي جماعت ۾ موجود ڪافي اڳواڻن جو ايمان بھ ”مھمان” ٿي ويو.
ميان اظھر کي اڳيان ڪيو ويو،جنھن ھم خيالن ۽ بي خيالن، جو ٽولو گڏ ڪيو،پر ميلو ڪو وڏو ”آڙيڪاپ فنڪار لٽي ويو“، گجرات جي چوڌرين جي سياست ۾ سڌي ريت جدا حيثيت سان انٽري ٿي، اسٽيبلشمنيٽ، مسلم ليگ جي پويان” قاف قلم“ لڳائي ”مھري“ ڪري ڇڏيو.
ان دور ۾ ملڪ ۾ ”غدارن ،ابن الوقت“ ماڻھن کي ميڙي،عوامي راڄ جي آڙ ۾ جمھوريت جو ڊرامو ڪيو ويو.ڪئين ليڊر پيدا ڪيا ويا.
ان وچ ۾ ”ميثاق جمھوريت“ ٿيو،وقت نيٺ اڳيان رڙھيو، مشرف پنھنجي ھوشياري ۾ ڦاسندو ويو.عالمي طاقتن جي ٽياڪڙي ۽ ضمانتن سان پيپلزپارٽي جي نالي ۾ ڪڻو تھ نڪتو پر ان جي تمام وڏي قيمت ادا ڪرڻي پئي.
اسٽيبلشمينٽ نواز ليگ ۽ پ پ پ مان تنگ ٿي نئون ڊرامو تيار ڪيو،ڪنگز پارٽي ھاڻي پي ٽي آءِ، جي نالي سان سامھون آئي،جنھن نھ رڳو سياسي ميدان ۾ وڏي ڀڃ ڊاھ ڪئي پر سياست ۾ گھڻو گند ڦھلايو.ان تجربي ملڪي ايشٽيبلشمينٽ کي نظرثاني ڪرڻ تي مجبور ڪيو.بنھھ ويجھڙائي جي ڪجهھ سالن ۾ سياست ۾ لاھا چاڙھا آيا، ھاڻي ھڪ نئون اصطلاح ” ھاءِبرڊ جمھوريت “ متعارف ٿيو.تازو ان جو ڪمال ۽ زوال بھ ھڪ سبق آھي.عمران خان کي پاسيري ڪرڻ جي لاءِ وري ڪي نوان بندوبست ٿين پيا.
اڳي سياست جي لاءِ سياستدان ھئڻ لازمي ھو، ھاڻي ايرو غيرو نٿو خيرو اگھامجي ٿو وڃي،ھاڻي سياسي فئڪٽري مان ”يس مين “ نڪرن پيا، جن جي منڊي لڳي پئي آھي”اگھامندي ڪھڙي ڌر؟“ اھو سوال ڳجھو رکيو ويو آھي.
مبصر چون ٿا، ھر ڌر جو پاڻي ڪڇيل آھي،سچ ھي آھي تھ ڪا بھ اينٽي ايسٽيبلشمينٽ ناھي.پي ڊي ايم مان ڪافي ڪم نڪري ويو آھي،ڪوشش ھوندي تھ وڏين جماعتن کي صوبن سند علائقن تائين محدود رکجي،ڪا بھ ڌر وڌيڪ طاقتور نھ رھي.
اليڪٽيبلز ھڪ کان وڌيڪ جماعتن ۾ ورھايا پيا وڃن. آقائن واري فارمولي ”ويڙھايو ۽ حڪومت ڪريو“ تي عمل ٿئي پيو. ميدان ۾ سمورن گھوڙن کي ڇڏيو ويو آھي، ھر گھوڙو پاڻ کي اھو ئي اھم سمجھي ٿو.پر جيڪو بھ ريس کٽيو اھو ”ھنن“ جو آھي.
سموريون ڌريون خوش يا غلط فھمي ۾ ھجن تھ ايسٽيبلشمينٽ ھنن تي مھربان آھي،باقي سياسي ڌريون تھ اقتدار جي لاءِ لائين لڳائي بيٺل آھن، ھر ڌر پاڻ اگھائڻ جي لاءِ اڳي کان وڌ جھڪڻ جي لاءِ تيار آھي.
جُون 2, 2023