پرويز خٽڪ پي ٽي آءِ جي صوبائي صدر جو عهدو ڇڏي ڏنو
پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز خٽڪ به تحريڪ انصاف خيبر پختونخواهه جي صدارت ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پريس ڪانفرنس ڪندي پرويز خٽڪ چيو ته ڪيترن ئي ڏينهن کان ملڪ ۾ سياسي حالتون ڏسي رهيو آهيان، 9 مئي جي واقعن جي اڳ ئي مذمت ڪري چڪو آهيان.
هن پي ٽي آءِ خيبر پختونخواهه جي صدارت ڇڏڻ جو اعلان ڪندي چيو ته ملڪ جو سياسي ماحول گهڻو خراب آهي، ان ماحول ۾ هلڻ ڏکيو آهي.
سندس چوڻ هو ته اڳتي جي حڪمت عملي دوستن ۽ پارٽي ورڪرن سان صلاح کانپوءِ طئي ڪندس، جيڪا پروپئگنڊا ٿي رهي آهي اها درست ناهي، سوچي سمجهي فيصلو ڪيو آهي.
