ميرپورخاص: عوامي سوشل ميڊيا پريس ڪلب جو تعارفي اجلاس 04 جون تي ٿيندو
ميرپورخاص( بيورو رپورٽ) عوامي سوشل ميڊيا پريس ڪلب ميرپورخاص جي 5 رڪني ڪميٽي جي گڏجاڻي ٿي گذري، جنھن ۾ محمد صالح ڪوري، پارومل پريمي، ڪامريڊ خدا بخش چوھاڻ، محمد اسلم مھر، شمشاد مرڙاڻي ء مرتضي ڪوري شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ طئي ٿيو ته عوامي سوشل ميڊيا پريس ڪلب ميرپورخاص جو تعارفي اجلاس 04 جون 2023 تي آچر جي ڏينهن صبح 11 وڳي عوامي سوشل ميڊيا پريس ڪلب ميرپورخاص جي آفيس لڳ زونگ فرنچائز واري گھٽي نائي پاڙو روڊ ميرپورخاص ۾ ڪوٺايو ويو آهي جنھن ۾ عوامي سوشل ميڊيا پريس ڪلب ميرپورخاص جي نئين باڊي جوڙي ويندي. ان ڏس ۾ عوامي پريس ڪلب سوشل ميڊيا ميرپورخاص جي سمورن ميمبرن کي شرڪت جو سڏ ڏنو ويو آهي.
جُون 2, 2023