ملير: عورت ڊاڪٽر کان فون تي هڪ ڪروڙ ڀتو گهرڻ جي الزام هيٺ 2 جوابدار گرفتار
ملير (ڊر) ملير ۾ سوشل سيڪيورٽي اسپتال جي ڊاڪٽرياڻي کان فون تي هڪ ڪروڙ ڀتو گهرڻ جي الزام هيٺ 2 جوابدار گرفتار، 26 اپريل تي ٻن جوابدارن محمد فهد ۽ شير زادو سوشل سيڪيورٽي اسپتال جي ڊاڪٽرياڻي ياسمين ڪلوڙ کان 1 ڪروڙ رپين جي گهر ڪئي ملير پوليس تفصيل موجب ملير ۾ پورهيتن جي علاج لائ قائم سرڪاري سوشل سيڪيورٽي اسپتال جي ڊاڪٽرياڻي کي فون ڪري هڪ ڪروڙ روپين جو ڀتو گهرڻ جي الزام هيٺ شاہ لطيف پوليس سي پي ايل سي گڏيل ڪارروائي ڪندي 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو پوليس موجب 26 اپريل تي ٻن جوابدارن محمد فهد ۽ شير زادو سوشل سيڪيورٽي اسپتال جي ڊاڪٽرياڻي ياسمين ڪلوڙ کان 1 ڪروڙ رپين جي گهر ڪئي هئي ۽ هڪ ڪروڙ رپيا نه ڏيڻ تي ڊاڪٽرياڻي کي مارڻ جي ڌمڪي ڏني هئي جنهن خلاف قائد آباد ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو ڪيو ويو هو شاھ لطيف ٽائون جي علائقي ۾ سي پي ايل سي ۽ پوليس گڏيل ڪارروائي ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي گرفتار جوابدار جوابدارن کان هٿيار هٿ ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي
جُون 2, 2023