ملير: اڳوڻي صوبائي وزير غلام مرتضيٰ بلوچ جي ٽين ورسي ملهائي وئي
ملير (رپورٽ: قادر درس ) اڳوڻي صوبائي وزير ۽ پ پ ملير جي ضلعي صدر غلام مرتضيٰ بلوچ جي ٽين ورسي گڏاپ فقير محمد واڍيلو ڳوٺ ۾ ملهائي وئي جنهن ۾ پيپلزپارٽي ملير جي اڳواڻن سميت سوين ماڻهن شرڪت ڪئي ان موقعي تي پيپلزپارٽي چيئرمين ۽ پرڏيھي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو خاص پيغام پڙهي ٻڌايو ويو جنهن ۾ چيو ويو ته غلام مرتضيٰ بلوچ ڪرونا وائرس جي وبا وقت عوامي خدمت کي جاري رکيو هو پارٽي جو وفادار هو جنهن ڪرونا وائرس جي پرواھ نه ڪئي ۽ شھادت ماڻي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري جو وڌيڪ چوڻ هو ته مرتضيٰ بلوچ ملير ۾ عوامي خدمت ڪئي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي مشن کي اڳتي وڌايو ٽين ورسي تقريب ۾ ايم اين اي حڪيم بلوچ، صوبائي وزير ساجد جوکيو، ضلعي صدر سلمان مراد، ايم پي اي شاهينه بلوچ، ايم پي اي يوسف بلوچ ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي جڏهن ته ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ڪراچي جي ايڊمنسٽيٽر نور حسن جوکيو، ڪراچي مارڪيٽ ڪميٽي جي چيئرمين علي زمان جوکيو، علي احمد جوکيو پڻ موجود هئا ورسي تقريب ۾ خصوصي دعا خير گهري ويئي ۽ اڳواڻن غلام مرتضيٰ بلوچ کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته هو عوامي ماڻهو هو هن نياز نوڙت عاجزي سان عوام جي خدمت ڪئي شهيد غلام مرتضيٰ بلوچ ملير سميت سنڌ جي عوام جي خدمت ڪئي کيس خراج تحسين پيش ڪيون ٿا ياد رهي ته غلام مرتضيٰ بلوچ ڪرونا وائرس جي وبا دوران 2 جون 2020 ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو
جُون 2, 2023