سيوھڻ: پيٽرول جون قيمتون گھٽجڻ باوجود ٽرانسپورٽ مرضي جو ڪرايو وصول ڪرڻ لڳا
سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي) سيوھڻ ۾ ٽرانسپورٽرن ڪرايو ن گھٽايو پيٽرول جي قيمتن ۾ گھٽتائي ٿيڻ باوجود ب ٽرانسپورٽ پنهنجي مرضي جو ڪرايو وصول ڪرڻ لڳا، سيوھڻ کان دادو تائين جيڪو ڪرايو 200 روپيه وصول ڪيو پي ويو اھو ڪرايو تيل جي قيمتن ۾ گھٽتائي جي باوجود ب ٽرانسپورٽر دادو کان سيوھڻ جو ڪرايو ن گھٽائي رھيا آھن، ضلعي انتظاميہ ڄامشورو ۽ تعلقه انتظاميه سيوھڻ ڪرايو گھٽ ڪرائڻ ۾ بلڪل ناڪام نظر اچي رھي آھي. ٽرانسپورٽرن سيوھڻ کان حيدرآباد ڪراچي جو ڪرايو جيڪو وڌايو ويو آهي ان ڪرائي کي گھٽ ن ڪري رھيا آھن جڏھن ت حڪومت پاڪستان تيل جون قيمتون گھٽايون آھن پوء ب ٽرانسپورٽر ڪرايو ن گھٽائي رھيا آھن جنهن جي ڪري مسافر سخت پريشان آهن، سيوھڻ جي عوام ضلع انتظاميه ڄامشورو ۽ تعلقه انتظاميه سيوھڻ جن کان مطالبو ڪن ٿا ت ٽرانسپورٽرن سان ميٽنگ ڪري انھن کي ڪرايو گھٽ ڪرڻ لاء حڪم ڪن جيڪڏھن ٽرانسپورٽر جيڪڏھن انھن جو حڪم ن مڃين ت پوء انھن ٽرانسپورٽرن جي خلاف قانوني قدم کنيو وڃي، ۽ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ کاتي سنڌ کي ٽرانسپورٽرن خلاف لکيو وڃي، حڪومت پاڪستان کي گھرجي ت ڊيزل ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ اڃان ب گھٽتائي آڻين ت جئين ڪراين ۾ ڪمي اچي سگهي.
جُون 2, 2023