سيوھڻ: فلٽر پلانٽ ناڪارا بڻيل، عوام پاڻي لاء پريشان
سيوھڻ رپورٽ: محمد صفر سيوهاڻي) سيوھڻ شھر جي مختلف ھنڌن تي لڳل پبلڪ ھيلٿ سيوھڻ طرفان جيڪي فلٽر پلانٽ لڳايا ھئا، اھي ڪيتري وقت کان خراب نظر اچي رھيا آھن، جڏھن ت ھڪ فلٽر پلانٽ رئيس حبيب الله رند جي پاڙي ۾ لڳل آھي، اھو ب ڪيتري وقت کان خراب آھي. جڏھن ت ھڪ فلٽر پلانٽ ڇٽو عمراڻي محله ۾ لڳل آھي، اھو ب خراب نظر اچي رھيو آھي. جڏھن ت جھاز چونڪ تي فلٽر پلانٽ لڳل آھي اھو ب فلٽر پلانٽ خراب نظر اچي رھيو آھي. جڏھن ت سيوھڻ جو عوام پيئڻ جي صاف پاڻي لاء پريشان ۽ پبلڪ ھيلٿ سيوھڻ جي اعلي عملدارن کي ڪن تي جون ب ن چري رھي آھي، سيوھڻ شھر ۾ جيڪي ب لڳل فلٽر پلانٽ ناڪارا نظر اچي رھيا آھن. سيوھڻ شھر جي عوام پبلڪ ھيلٿ کاتي ڄامشورو جي ايگزيڪيٽو انجنيئر کان گھر ڪئي آھي ت سيوھڻ شھر ۾ جيڪي ب فلٽر پلانٽ لڳل آھن انھن کي بحال ڪرايو انھن مان سيوھڻ شھر جي عوام کي پيئڻ جو صاف پاڻي مھيا ڪرائي ڏيو.
جُون 2, 2023