راڻيپور: مقتول اعظره جي وارثن پاران احتجاجي مظاھرو

Spread the love

راڻيپور(رپورٽ: سعيداحمدسھتو) سڳيون لڳ محمود ٿاڻي جي حد ۾ ٽي ڏينھن پھريان ڪارھ الزام ھيٺ قتل ٿيل اعظره جي وارثن جو ميڊيا آڏو احتجاجي مظاھرو . پورٽ موجب ٽي ڏينھن پھريان ڪارھ الزام ھيٺ قتل ٿيل اعظره ڌي پٺاڻ چنو  جي وارثن جو  احتجاجي  مظاھرو  ڪندي پٺاڻ چنو ،عمران چنو ،جڙيل چنو, عبدالغني ،محمد رفيق ، ارشاد علي ولد رسول بخش سميت وارث عورتن ٻارن سميت دانھيندي چيو ته  ڪمدار بچل جو پٽ ارشاد چنو اسان جي ڇوڪري کي بليڪ ميل ڪري ناجائز تعلقات رکيا ۽ اسانجا گھر اجڙي ويا ھنن جو چوڻ ھو ته مجھند جي ٽائيم ٻنھي کي  ڀاء غلط حالت ۾ ڏٺو جنھن تي غيرت گوارا نه ڪيس ۽ باھ  جا انباھ  اٿي بيٺا جلدي ۾ ھٿيار کڻي پنھنجي ڀيڻ اعظره کي سندس ڀاء گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو  ۽ قانون آڏو پيش ٿي قبولداري ڪئي  جڏھن ڪمدار جو پٽ ارشاد واقعي واري ھنڌ تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو پٺاڻ چنو ۽ عمران چنو جو چوڻ ھو ته پلاند پراڻا نه ٿيندا آھن  مدئي ارشاد چنو جي غلط عمل تحت اسان جي گلن جھڙي ڌي اڄ مڻ مٽن جا پائي ستي پئي آھي ۽ سندس ڏھ مھينن جو معصوم پٽ ڪيھاٽ ڪريماء بنا تڙپي رھيو آھي ان سموري عمل جو زميوار ڪمدار جو  پٽ ارشاد آھي جنھن جي ڪري ڌي قبر پھتي ۽ جوان پٽ جيل اندر سڙي رھيو آھي مدئي ارشاد ھڪ لوفر ۽ فراڊقسم جو بندو آھي جنھن مان پورو علائقو واقف آھي اسان غريب آھيون ڪکن ۾ رھون ٿا ھاڻي اھي ڪک به رک ٿي ويا آھن راتين جون ننڊو حرام ٿي چڪيون آھن وڌيڪ ھنن جو چوڻ ھو ته مدئي ارشاد  اسان کي ڌمڪائڻ خاطر ڪوڙو  نکاح نامون  ڏيکاري ٿو جيڪو 2019 جي تاريخ تي مڏ لک ھڪ ملان آھي ڏيسي رات جو جنھن کان ٺھرايو اٿئين ھوڏانھن مقتول جي شادي 2018 ۾ سندس مات عمران چنو سان ٿيل آھي ۽ ان جو گواھ خود آھي پاڪستان جي ڪھڙي قانون ۾ آھي ته نڪاھ مٿان نڪاھ ٿيندو آھي ان ملان خلاف قانوني ايڪشن ٿيڻ گھرجي جو سندس ڏوھ ۾ برابر جو شريڪ آھي ۽ واقعي بعد ڪمدار جو پٽ ارشاد مختلف بااثرن ۽ ڏوھارين کان ڌمڪيون ڏياري رھيو آھي ته مقتول کي جيڪو پٽ آھي اھو منھنجو پٽ آھي ۽ واپس ڏنو وڃي جڏھن ته اھڙا ڪوڙا ڊامه ٺاھي ڪورٽن ۽ پوليس کان حراسان ڪري رھيو آھي وڌيڪ ھنن آء جي سنڌ  پوليس ڊي آء جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور  روحل خان کوسو کي اپيل ڪندي چيو ته ڪيس جي شفاف انڪوائري ڪري انصاف ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ پوري فيملي سميت پاڻ مٿان پيٽرول ھاري قومي شاھراھ تي باھ ڏينداسين

جُون 2, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو