دادو: ميونسپل ڪاميٽي ۾ مخصوص سيٽن تي پيپلز پارٽي،تحريڪ انصاف جي 16 سيٽون جاري ڪيون ويون
دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي) دادو ميونسپل ڪاميٽي ۾ مخصوص سيٽن تي پيپلز پارٽي،تحريڪ انصاف جي 16ڪائونسلر کي مخصوص سيٽون ڏيڻ جو دادو ڊپٽي ڪمشنر پاران ليٽر جاري ڪري ڇڏيو جنهن ۾ پيپلز پارٽي جا 15 ۽ هڪ سيٽ تحريڪ انصاف کي ملي سگهي،مخصوص سيٽ ۾ ليڊيز، معذور،يوٿ،نان مسلم ۽ پورهيت شامل،جن ۾ عورتن جي مخصوص سيٽن تي تحريڪ انصاف جي بشيران سولنگي پيپلز پارٽي پاران وڪيل زيبا وگهيو.خالده چانڊيو،فرزانه ٻٻر، سيما ٿهيم،زهره ابڙو،معزور سيٽ تي علي محمد جمالي.نان مسلم ۾ يوڪي ٻائي،لالا چند،يوٿ ۾ محمد يونس،ليبر ۾ افتخار احمد راهوجو،غلام مرتضي قمبراڻي، گل مهراڻ ڏاوڇ، عدنان جويو،جڏهن ته دادو پيپلز پارٽي پاران يوٿ ۽ ليبر تي پنهنجي پارٽي ڪارڪن کي سيٽون ڏنيو آهن جيڪي پورهيت نه آهن.
جُون 2, 2023