سگريٽ نوشي جي صحت تي پوندڙ اثرن کان اسين سڀ واقف آهيون: گورنر سنڌ

Spread the love

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري تمباڪو نوشي خلاف عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته سگريٽ نوشي جي صحت تي پوندڙ اثرن کان اسين سڀ واقف آهيون، نوجوانن ۾ سگريٽ پيئڻ ۽ منشيات جو وڌندڙ استعمال پريشان ڪندڙ آهي، سگريٽ پيئڻ جي نقصانڪار اثرن کان ماڻهن کي آگاهي ڏيڻ ضروري آهي، سگريٽ پيئڻ نه رڳو صحت لاءِ نقصانڪار آهي پر ان جي درآمد تي سخت پرڏيهي مٽاسٽا پڻ ٿئي ٿي، نوجوان نسل کي مضر صحت شين کان پري رکڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي، ميڊيا به ان سلسلي ۾ به پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪري، سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوری سان بلوچستان اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر سيد مطيع الله آغا گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال، معاشي مشڪلاتن، سنڌ ۽ بلوچستان وچ ۾ ويجهن لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، گورنر سنڌ چيو ته گڏيل سهڪار ۾ اضافو ٻنهي صوبن جي مفاد ۾ آهي، ان حوالي سان مختلف شعبن ۾ وفدن جي مٽا سٽا ڪري گڏيل سهڪار کي فروغ ڏنو ويندو، هن وڌيڪ چيو ته ملڪي صورتحال اسان سڀني جي ڌيان جي ضرورت آهي، 9 مئي جي واقعن سڄي قوم مذمت ڪئي آهي، هن چيو ته پاڪستان جي استحڪام جي ضامن هٿياربند فوج جي عمارتن کي نشانو بڻائڻ ملڪ دشمني آهي، اڳوڻي اسپيڪر مطيع الله آغا چيو ته انھن واقعن خلاف سڄي قوم متحد ۽ هٿياربند فوج سان گڏ آهي، سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽیسوری سان نادرا جي ڊائريڪٽر جنرل احمر حسين گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي، ان موقعي تي ڊائريڪٽر سيد گوهر عباس جعفري پڻ موجود هو، ملاقات ۾ ڪمپيوٽرائيزڊ شناختي ڪارڊ سسٽم، عوامي مسئلن جي حل لاءِ کنيل قدم، ڪمپيوٽرائيزڊ شناختي ڪارڊ جلد کان جلد جاري ڪرڻ ۽ ٻين معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو،  گورنر سنڌ چيو ته عوام جي ڀلائي سان گڏ انهن کي درپيش مشڪلاتن جو خاتمو پهرين ترجيح آهي، هن وڌيڪ چيو ته نادرا ڪمپيوٽرائيزڊ شناختي ڪارڊ، بي فارم ۽ ٻين لاڳاپيل دستاويزن جي شعبي ۾ اهم خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي، هن چيو ته نادرا ميگا سينٽرن جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻايو وڃي ته جيئن عوام کي بهتر سهولتون فراهم ڪري سگهجن، ڊائريڪٽر جنرل نادرا گورنر سنڌ کي يقين ڏياريو ته عوامي مسئلن جي خاتمي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندا سنڌ جي گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري جي بلديه عظميٰ ڪراچي جي زير ايتمام منعقد ڪيل صادقين ايوارڊ تقريب ۾ شرڪت ڪئي، تقريب ۾ ڪيترن ئي ملڪن جا قونصل جنرلز، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ڊاڪٽر سيف الرحمان، سينيئر ڊائريڪٽر ڪلچر اينڊ اسپورٽس سيف عباس ۽ ٻيا پڻ موجود هئا، ان موقعي تي سنڌ جي گورنر تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته جنهن عظيم مصور سان لاڳاپيل ايوارڊز جي روايت کي برقرار رکيو آهي، اهي منتظمين مبارڪباد جا مستحق آهن، ھن چيو ته تقريب جي خاص ڳالهه اها آهي ته ان کي بهترين انداز ۾ منعقد ڪيو پيو وڃي، معاشي حب سان گڏ ڪراچي فن ۽ ثقافت جو به اهم مرڪز آهي، هن شهر کي گهر ٺاهڻ وارا فنڪار پنهنجي ميدان ۾ عروج تي پهچي ويا آهن، جنهن جي ڪري پاڪستان جو نالو سڄي دنيا ۾ روشن ٿيو، ھن چيو ته فائن آرٽس ۾به ڪيترائي فن ملڪ ۽ قوم جي سڃاڻپ بڻيل آهن، سنڌ جي گورنر چيو تہ صادقين جو شمار وڏن فنڪارن ۾ ٿئي ٿو، صادقين جي فن کي دنيا اعتراف ڪيو، دنيا صادقين کي خطاطي ۽ مصوري جي حوالي سان هڪ مڪمل ادارو سمجهي ٿي، ڪامران خان ٽيسوری چيو ته صادقين جا شاگرد سڄي دنيا ۾ موجود آهن، شهر قائد جي رهواسين کي اهو اعزاز حاصل آهي ته صادقين جو تعلق هن عظيم شهر سان هو، سنڌ گورنر چيو ته فائن آرٽس ۽ معياري تخليق جا جوھر ڏيکارڻ وارن فنڪارن جو اڄ ھڪ بهتر پليٽ فارم هاڻي موجود آهي، ھن چيو تہ صادقين آرٽ گيلري جي قائم سان گڏ بلديه عظميٰ ڪراچي هڪ قابل تعريف قدم کنيو آهي ۽ صادقين ايوارڊز جو آغاز ڪيو آهي، اميد آهي ته ايوارڊ حاصل ڪرڻ وارا بهترين جي ڳولا جاري رکندا، سنڌ جي گورنر چيو تہ موجوده سياسي ۽ معاشي صورتحال اسان سڀني جي ڌيان جي ضرورت آهي، ھن چيو تہ 9 مئي جي واقعي تي سڄي قوم سوڳوار آهي، 9 مئي تي شرپسندن قومي اتحاد کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي، ڪامران خان ٽیسوری چيو تہ هٿياربند فوج صبر، تحمل ۽ برداشت سان دشمن جي سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو

جُون 1, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو