نفرتن جي سياست وڏو نقصان ڏنو آهي، سنڌ صدين کان ھڪ آھي ۽ ھڪ رھندي: مرتضيٰ وهاب
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ قانوني صلاحڪار سنڌ بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته سنڌ نه اندر آهي نه ٻاهر آهي، سنڌ صدين کان هڪ آهي ۽ هڪ رهندي اقتدار جي لالچ ۾ حافظ نعيم اهڙي جماعت سان گڏ اتحاد ڪري رهيا آهن جنهن ملڪي سلامتي کي نقصان پهچايو ۽ اسان جي حساس ادارن ۽ تنصيبات تي حملا ڪيا. اهڙن خيالن جو اظهار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب سومر ڏينهن سنڌ اسيمبلي جي ڪميٽي روم ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو، بئريسٽر مرتضيٰ وهاب وڌيڪ چيو ته پاڪستان مختلف دورن ۾ سازشن ۾ گهيريل رهيو، ماضي ۾ دشمن دفاعي اعتبار سان سازشون ڪندو رهيو ڀٽو حاحب جو ائٽمي طاقت ٺاهڻ لاءِ ويزن جي شرعات ڪئي ڀٽو صاحب جو ايٽامڪ ويزن جو 1972ع ۾ شروع ٿيو 28 مئي 1999ع تي مڪمل ٿيو هو. 28 مئي جي مناسبت سان ڀٽو صاحب کي خراج تحسين پيش ڪندم، بينظير ڀٽو، نواز شريف صاحب سميت ڀٽو صاحب کي جنهن ان ويزن کي مڪمل ٿيڻ تائين پهچايو، ڊاڪٽر قدير خان ان ناقابل فراموش ڪم ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ۽ پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻايو، هن چيو ته جڏهن دشمن ناڪام ٿيو ته هن حڪمت عملي تبديل ڪئي دشمن عمران خان کي لانچ ڪيو هن ڊاڪٽرائن جي ذريعي ماڻهن کي برين واشنگ شروع ڪئي وئي، هڪ ڀارتي ماهر ٻڌو ته ڪيئن مودي عمران خان جي ڪلهي تي ڪشمير ۾ پنهنجا عزائم پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي عمران خان پرڏيهي فنڊنگ لڪائيندو رهيو. فيصلي ۾ نظر اچي ويو ته مختلف ملڪن مان فنڊنگ ڪيئن ڪئي وئي، فنڊنگ اهڙن هنڌن تان حاصل ڪئي وئي جنهن جو پاڪستان سان ڪو به تعلق ناهي، اسرائيل ۾ رهندڙ هڪ شخص جو تحريڪ انصاف سان ڪهڙو تعلق آهي، هن چيو ته پنهنجي جان ڏيڻ ڪوئي معمولي شئي نه آهي اسان شهيدن کي نالي سان اڄ به روڊن ۽ پارڪن کي ٺاهيندا آهيو ته جيئن اسان جي ٻارن کي خبر پوي ته هنن ملڪ لاءِ قربانيون ڏنيون، بي بي شهيد 18 آڪٽوبر تي حملي جي بعد زخمين سان ملڻ وئي ته هي خود غرض خان ماڻهن چوي ٿو ته ٻاهر نڪرو ۽ شين کي ساڙيو هي خود غرض ماڻهو پنهنجي لاءِ ريليف وٺي وٺندو آهي ۽ شڪريه چوي ڪري هليو ويندو آهي هر پاڪستان سوچيو ته خود غرض ماڻهو آهي پنهنجي ۽ گهر واري جي ضمانت ڪرائي ورتي، زمان پارڪ ۾ ويهي رهيو ۽ اسان کي جيل موڪليو ويو خدا جي واسطي پنهنجي ذات جي خاطر نوجوانن کي گمراهه نه ڪيو اسان سڀني سان اهم مسئلو آهي معيشت کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ آهي اسان کي معيشت کي پيرن تي بيهارڻ جي ضروت آهي عمران خان اهم ناهي هي 22 ڪروڙ عوام اهم آهي هي اسلامي جمهوريه پاڪستان اهم آهي اڄ ڪوئي شخص چئي رهيو هو ته سنڌ حڪومت جي ڪراچي ۾ پورا نمبر ناهن ڀائي پيپلز پارٽي جا نمبر پورا آهن توهان کي شڪست ٿي وئي آهي سمورن خرچن جي باوجود ته مينڊيٽ کي عزت سان گڏ تسليم ڪرن مونکي جماعت اسلامي ته نه هاڻي توهان بس هڪ ماڻهو نظر اچي ٿو ميئر حڪومت جو ناهي سياسي جماعت جو هوندو آهي، توهان کي ضياءَ جي دور جي سوچ هوندي، جڏهن افغاني صاحب کي ميئر بڻايو ويو هو، پيپلزپارٽيءَ ترقي جي سياست جي ڌرڻي جي سياست ناهي ڪئي، نتيجو اهو نڪتو ته عوام اسان کي ووٽ ڏنو، هي اسان جي محنت ۽ بلاول ڀٽو جو ترقي جو ويزن آهي، ووٽ اسان کي مليو آهي، اسان سڀني کي پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، جيڪي هن شهر جي تباهي جا ذميوار آهن انهن کي سٺو نٿو لڳي، پارڪن تان قبضا ختم ڪري انهن کي عوام لاءِ کوليا ويا آهن، اسان ٽنڪي گرائونڊ وڃي ڪري مٽيءَ ۾ کيڏندا هئاسين انهن ماڻهن کي اها ڳالهه خراب لڳي ٿي ته لياري ۾ ٻار کيڏندا هئا. لانڍي شيرپائو ڪالوني جو اسٽار گرائونڊ 20 ايڪڙن تي آهي، ماڻهو ان تي قبضو ڪرڻ چاهين پيا، هاڻي اها بهترين سهولتن سان ٺهيل آهي، ان گرائونڊ ۾ وچ جي ضلعي ۾ پاڻي گڏ ٿيندو هو، نورجهان روڊ جي اڏاوت ٿيڻ تي کين ڏک ٿو ٿئي. گلستان جوهر ۾ فلائي اوور ۽ انڊر پاس ٺهي رهيا آهن، هنن کي خراب لڳي ٿو اڄ وڏي وزير مقرري ليٽر ڏنا ڪوٽا جي مطابق تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 58 هزار استاد ڀرتي ڪيا ويا، هڪ تنقيد ڪرڻ وارن مان هڪ جو ڀاءُ پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر آهي بيريسٽر مرتضٰي وهاب جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي ڪنڊي مين ناهي ڀرتي ڪيو، ڊرائيور ڀرتي ناهي ڪيو، اسان استادن ۽ پروفيسرن کي ڀرتي ڪيو آهي، اها آهي تبديلي جيڪا بلاول ڀٽو جي قيادت ۾ هن شهر ۾ اچي رهي آهي برساتن ۾ جيڪي روڊ تباهه ٿيا پوري سنڌ ۾ روڊن جي تعمير جو ڪم هلي رهيو آهي ان ڪم جي بنياد تي ووٽ ملندو آهي ته پوءِ رووندا آهن ماڻهو تباهه ٿيڻ وارن گهرن جي تعمير لاءِ رقم فراهم ڪئي پئي وڃي بسن جو واعدو هو ڪري ڏيکاريو ايمولينس جو وعدو ڪيو هو ڪري ڏيکاريو اچڻ وارو وقت بهتري جو وقت آهي، پاڻ سان گڏ ماڻهن کي وٺي ڪري هلڻ جو وقت آهي اندر ۽ ٻاهر جي ڳالهائڻ جو فرق ختم ڪريو ڪراچي سنڌ آهي حيدرآباد سنڌ آهي، سنڌ جي اندر يا ٻاهر ڪو به ناهي، ڀاءُ، ڪشمور کان ڪراچي تائين، سنڌ هڪ آهي ۽ رهندي ھي سنڌ مھنجي آ، ھي سنڌ تنھجي، اسان سڀني جي آ، نفرتن جي سياست وڏو نقصان ڏنو آهي، هاڻي انهن نفرتن کي مٿي نه چاڙيو خدا جي واسطي، بلديه عظميٰ ڪراچي پيپلز پارٽي سان گڏ هوندي، عوام فرق نظر ايندو ، ڪراچي وارن منفي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي، ڇا جاويد حنيف جو ڀاءُ پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر آهي، حنيف پنهنجي ڀاءُ تي الزام هڻي رهيو آهي؟ هي اها بدقسمتي سوچ آهي جنهن کي رد ڪرڻو پوندو، ڪراچي هاڻي يتيم ناهي رهي، پيپلزپارٽي جو هر هڪ ڪارڪن هن شهر کي اون ڪندو آهي، بلاول ڀٽو، وڏو وزير، سعيد غني ۽ مان پاڻ هن شهر ۾ پيدا ٿيو آهيان ڇا هي سچ ناهي ته پارڪن تي پلاٽنگ ڪئي وئي. شادي هال ٺاهيا ويا، ڪنهن ٺاهيا؟ يوسف ڳوٺ ۾ نالن تي دڪانيون ڪنهن ٺاهيون؟ ٿورو پاڻ جي اندر ڏسو ڪنهن هن شهر ۾ وڏن وڏن عهدن تي فائز رهيا، اڄ لياري ايڪسپريس وي مان عوام فائدو وٺي رهيو آهي، اهڙي طرح ملير ايڪسپريس وي به سنڌ حڪومت ٺاهي رهي آهي، هن چيو ته ناڪاري سياست ختم ڪري گڏجي ڪري ڪم ڪيو، اهو فيصلو ڪيو وڃي. پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلامي پاڻ ۾ ضم ٿي ويا آهن، 9 مئي وارو واقعو اسان ناهي ڪيو، اسان عوام جي بسن کي ناهي ساڙيو، مون واٽر بورڊ جي گاڏي ناهي ساڙي، حافظ صاحب چوي ٿو ته اهڙن ماڻهن جي خلاف ڪارروائي نه ٿئي ؟ ڇا قانون گوڏا کوڙي ڇڏيا آهن؟ جن ماڻهن نقصان پهچايو حافظ ان جي حق ۾ ڳالهائي رهيو آهي هاڻي خدا جي واسطي بس ڪيو.
مَي 30, 2023