ڪي ايم سي جي مخصوص سيٽ تي خواجه سرا جو نامزدگي فارم بحال، حلقن ۾ خوشي جي لهر

Spread the love

ڪراچي (رپورٽ: قاضي اعجاز)  ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن (ڪي ايم سي) ۾ ڪائونسل جي عهدي لاءِ خواجه سرا جي مخصوص سيٽ تي جماعت اسلامي جي اميدوار محمد جنيد عرف چاندني شاهه جا نامزدگي فارم اسڪروٽني واري عمل کان پوءِ منظور ڪيا ويا. نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ دوران ڪي ايم سي جي عملي پاران محمد جنيد جي ڀرپور آجيان ڪئي وئي. جماعت اسلامي پاران مخصوص سيٽ تي خواجه سرا کي نامزد ڪرڻ واري عمل تي ڪراچي سميت سموري ملڪ جي سڄاڻ حلقن خاص طور تي خواجه سرا ڪميونٽي ۾ خوشي جي لهر چانئجي وئي آهي. ان موقعي تي اميدوار محمد جنيد پاران جماعت اسلامي جو ٿورو مڃيندي چيو ته جماعت اسلامي پاران ٽرانس جينڊر ڪميونٽي جي مسئلن کي سمجهندي انهن جي نمائندي لاءِ خواجه سرا کي نامزد ڪرڻ ساراهه جوڳو عمل آهي، جنهن جي جيتري به واکاڻ ڪجي اها گهٽ آهي. هن چيو ته ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ جماعت اسلامي جي نظريي تحت جدوجهد ڪئي ويندي ۽ جماعت اسلامي جي اعتماد تي پورولهڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪبي. جيئن ته اها ڳالهه قابل ذڪر آهي ته ملڪ جي تاريخ ۾پهريون ڀيرو ٽرانس جينڊر ڪميونٽي کي ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن (ڪي ايم سي) ۾نمائندگي ڏيندي ڪائونسل جي عهدن لاءِ ويڙهاند ڪندڙ اميدوار محمد جنيد (چاندني شاهه) کي اهڙي عهدي لاءِ جماعت اسلامي پاران نامزد ڪيو ويو آهي.

مَي 30, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو