موبائيل فون ۽ ڪمپيوٽرن جي اچڻ کانپوءِ ملڪ ۾ تعليم جي اهميت وڌي وئي آهي: مراد علي شاهه
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ڪاليج ايجوڪيشن کاتي ۾ شامل ٿيندڙ 1500 ليڪچرارن مان 100 پوزيشن هولڊر ليڪچرارن کي آفر ليٽر جاري ڪيا ويا. آفر ليٽر جاري ڪرڻ واري تقريب وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿي جنهن جو خاص مهمان وڏو وزير سيد مراد علي شاهه هو جڏهن ته تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه، سنڌ ڪابينا جي وزيرن، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري فياض احمد جتوئي، سيڪريٽري ڪاليج ايجوڪيشن احمد بخش ناريجو، ٻين کاتن جي سيڪريٽرين ۽ ڪاليج ايجوڪيشن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سڀ کان پهرين آئون انهن سمورن استادن کي مبارڪباد ڏيان ٿو جن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ڪاليج ايجوڪيشن کاتي ۾ شموليت اختيار ڪئي. هن چيو ته اها منهنجي لاءِ فخر جوڳي ڳالهه آهي ته اڄ ليڪچرارن کي ڪيترائي آفر ليٽر جاري ڪيا پيا وڃن. 2019ع ۾ سندس ڪميشن جو بنياد پيو ان وقت ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جو قلمدان پڻ مون وٽ هو. سيد مراد علي وڌيڪ چيو ته هي سنڌ جي تعليمي تاريخ جي سڀ کان وڏي بينچ هئي جنهن ۾ 1500 پوسٽون ڀرتيون ڪيون ويون. انگن اکرن موجب ان ڪميشن ۾ هڪ لک کان وڌيڪ اميدوارن ٽيسٽ ڏني هئي جن مان سڀ کان وڌيڪ ذهين 1500 نوجوان ڪاليج ايجوڪيشن کاتي ۾ ڀرتي ٿيڻ وارا آهن. انشاءَ الله هي باصلاحيت نوجوان آگسٽ کان سنڌ جي ڪاليجن ۾ علم جي روشنيءَ کي پکيڙيندا. هن چيو ته موجوده عوامي حڪومت شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي فلسفي موجب نوجوانن کي روزگار فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. اسان جي چيئرمين بلاول ڀٽو جي هدايتن جي روشني ۾ سنڌ حڪومت تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اسڪول ايجوڪيشن کاتي ۾ پنجاهه هزار کان وڌيڪ قابل استادن جي ڀرتي جو عمل مڪمل ڪري ورتو آهي جنهن سبب سنڌ جا بند پيل اسڪول کوليا ويا آهن. سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جي تاريخ ۾ اهو رڪارڊ به موجوده عوامي حڪومت وٽ آهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جي انهن 1500 استادن جي ڪميشن کان اڳ 1600 نيون پوسٽون ڀرتي ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو آهي جڏهن ته ڪاليج ايجوڪيشن کاتي پڻ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جي بنياد تي 1200 کان وڌيڪ خالي جايون سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ڏانهن موڪلي ڇڏيون آهن. انهن استادن جي اچڻ سان سنڌ جي ڪاليجن ۾ استادن جي کوٽ ختم ٿي ويندي. هن چيو ته اڄ تائين جنهن ملڪ ترقي ڪئي آهي ان ۾ تعليم جي شعبي ۾ گهڻو ڌيان ڏنو ويو آهي، موجوده دور ۾ تعليم جي اهميت وڌي وئي آهي ڇوته هاڻي ٽيڪنالاجي جو دور اچي ويو آهي موبائيل فون ۽ ڪمپيوٽرن جي اچڻ کانپوءِ ملڪ ۾ تعليم جي اهميت وڌي وئي آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته فخر آهي ته ڪاليج ايجوڪيشن کاتي سنڌ کي مڪمل طور تي ڊجيٽلائيز ڪيو ويو آهي جنهن ۾ شاگردن جي داخلا کان وٺي استادن ۽ شاگردن جي حاضري کي به آن لائن ڪيو ويو آهي. ڪاليج ايجوڪيشن کاتي کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته محدود وسيلن جي باوجود رئيل ٽائيم آن لائين حاضري سبب سنڌ جا ڪاليج مڪمل آباد آهن. موجوده عوامي حڪومت جي دور ۾ ڪاليجن ۾ 43 ڊجيٽل لائبريريون قائم ڪيون ويون آهن ۽ هلندڙ مالي سال جي آخر تائين اهو انگ 58 ٿي ويندو. جنهن تي مان صوبائي وزير تعليم سيد سردار شاهه صاحب، سيڪريٽري ڪاليج ايجوڪيشن احمد بخش ناريجو ۽ سندس ٽيم کي مبارڪباد ڏيان ٿو. سنڌ جي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت سنڌ ۾ تعليم جي شعبي تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي. سنڌ پاڪستان جو واحد صوبو آهي جنهن استادن جا لائسنس متعارف ڪرايا آهن. اهو قدم نه رڳو اسان کي سٺا استاد فراهم ڪندو پر تعليم جي معيار تي به مثبت اثر وجهندو. آخر ۾ اڄ آفر ليٽر وصول ڪندڙ نوجوان استادن کي خطاب ڪندي هنن چيو ته حڪومت پنهنجو فرض پورو ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي اوهان جي ذميواري آهي ته پنهنجو فرض نڀايو. سنڌ جا اسڪول ۽ شاگرد اوهان جا منتظر آهن، وڃي پنهنجي تعليم سان روشناس ڪريو.
مَي 30, 2023