نوجوانن جي هٿن مان ڪتابَ کسي ماچيس جي تيلي ڏيندڙ قوم جي خيرخواهه نٿو ٿي سگهي: مريم نواز

Spread the love

لاهور (  ويب ڊيسڪ ) پاڪستان مسلم ليگ نون جي چيف آرگنائيزز مريم نواز چيو آهي ته عمران خان ۽ سندس حامي پڇي رهيا آهن ته مٿن دهشتگردي جا ڪيس ڇو داخل ڪيا ويا آهن؟، دهشتگردي ڪندئو ته دهشتگردي جا ڪيس ئي ٺهندا. يومِ تڪبير جي ڏهاڙي جي موقعي تي لاهور هي لبرٽي چوڪ ۾ هڪ جلسي کي خطاب ۾ مريم نواز چيو ته هو ( پي ٽي آءِ  وارا ) جيڪو ڏوهه ڪندا آئين پٽاندڙ ان ئي شق تحت مٿن ڪيس داخل ڪيا ويندا. نوَ مئي جي واقعن جو ذڪر ڪندي مريم نواز چيو  ته هتي سڀ ڪجهه ساڙيو ويو، سڀني کي يرغمال بڻايو ويو وري هو  پڇي رهيا آهن ته مٿن دهشتگردي جا ڪيس ڇو ٺاهي رهيا آهيو؟ .مريم نواز نوجوانن کي مخاطب ڪندي چيو ته جيڪو اوهان جي هٿ مان ڪتاب کسي ماچيس جي تيلي ڏئي ۽ اوهان کي دهشتگردي جي عدالتن ۾ ڇڏي ڏئي ڇا اهو اوهان جو خيرخواهه ٿي سگهي ٿو؟، هاڻي ڪجهه نوجوان ڏهن سالن لاءِ جيل ويندا.

مَي 29, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو