عمران خان پنهنجي خاندان لاءِ اين آر او گهري رهيو آهيۡ: شرجيل انعام ميمڻ
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ اڄ سنڌ آرڪائيوز ڪمپليڪس ڪلفٽن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ڪالهه مصطفيٰ ڪمال صاحب سنڌ جي وڏي وزير تي بي بنياد الزام لڳايا. هن چيو ته مصطفيٰ ڪمال جي پارٽي وفاقي حڪومت ۾ اتحادي آهي، جيڪڏهن اوهان جي پارٽي ۾ ڪو مسئلو آهي ته اتي حل ڪريو، بي بنياد الزامنه لڳايو. هن چيو ته جڏهن اوهان جي پارٽي ستل هئي ته سنڌ جو وڏو وزير ڪراچي ، حيدرآباد ، سکر، نوابشاهه ۽ سنڌ جي ٻين علائقن ۾ شهرين جي درست آدمشماري ۽ صوبي جي ماڻهن جي صحيح ڳڻپ لاءِ وڙهي رهيو هو ۽ آواز اٿاري رهيو هو. هن چيو ته رڪارڊ گواهه آهي ته سنڌ حڪومت صوبي جي عوام جي درست ڳڻپ لاءِ هر فورم تي موثر آواز اٿاريو آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي هڪ پريس ڪانفرنس ۾ ايترو به چيو هو ته آدمشماري جيڪڏهن درست نه ٿي ته پوءِ اسين اتحاد کي به ڇڏي سگهون ٿا.سنڌ جي اطلاعات واري وزير چيو ته پاڪستان جي بهترين سرڪاري طبي سهولتون ڪراچي ۾ آهن. هن چيو ته پيپلز پارٽي تعصب جي سياست کي مسترد ڪري ٿي. اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير چيو ته عوام اهڙي تعصب جي ڳالهين ۾ نه ايندو. سنڌ جي سڌ سماءُ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عمران خان جو موقف هو ته هو مري ويندو پر انهن ماڻهن سان ڳالهيون نه ڪندو. پر هاڻي عمران خان انهن ماڻهن سان ڳالهين جو خواهشمند آهي، شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان پاران اعلانيل مذاڪراتي ڪميٽي جا اڌ ماڻهو روپوش آهن. 9 مئي جي تخريبي عمل ملوث ماڻهن جون تصويرون به سامهون آيون آهن، شرجيل انعام ميمڻ چيو ته آصف زرداري توهان لاءِ چيو آهي ته پهريان عمران خان پنهنجي زيادتين تي معافي گهري پوءِ ڳالهيون ٿينديون.سنڌ جي اطلاعات واري وزير چيو ته عمران خان توهان هن ملڪ کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي ۽ هاڻي توهان ڳالهين جي ڳالهه ڪريو، هن عمران خان کي ياد ڏياريو ته آمريڪن ڪيپيٽل هل تي حملو ڪندڙن کي 18 سال قيد جي سزا ملي آهي، تنهنجا ڏوهه ته ان کان به وڌيڪ خطرناڪ آهن. اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير چيو ته سعودي عرب ۾ مديني منوره ۾ ٿيل تخريبڪاري جي عمران خان مذمت به نه ڪئي. هن چيو ته جيڪو ماڻهو تخريبڪاري لاءِ ماڻهن کي اتساهڻ سان راند ڪرائي رهيو آهي، اهو اڄ به آزاد آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته القادر ٽرسٽ ڪيس وانگر 9 مئي تي ٿيل تخريبڪاري جي واقعن ۾ به موصوف خلاف اوپن ۽ شٽ ڪيس آهن، هن چيو ته 9 مئي تي حڪومت بيگناهه جانين جي نقصان ڪرڻ تي به صبر جو مظاهرو ڪيو ۽ پوليس کي احتجاج ڪندڙن کان پري رکيو ته جيئن جيئن ٽڪراءُ ۽ خون خرابو نه ٿئي. هڪ سوال جي جواب ۾ سڌ سماءَ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان کي اڃا تائين بلينڪيٽ رليف ملي رهيو آهي، هن چيو ته 9 مئي جي واقعن کي سڄي دنيا ڏٺو پر ان جي باوجود عمران خان کي مذمت جو چيو ويو، ڇا اهو رليف ناهي؟ هن چيو ته لاڏلي کي ايترو پيار، ايتري رعايت ڇو ڏني پئي وڃي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ٻاهرين ۽ اندروني ميسينجرز ذريعي عمران خان کي اين آر او ڏيڻ جي سفارش ڪئي پئي وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جن جي خلاف ايف آءِ آرز آهن انهن کي ڪا به پارٽي نه وٺي رهي آهي پر جن خلاف ايف آءِ آر نه آهي انهن تي ڪو اعتراض ناهي، هن چيو ته سسيلين مافيا اها ئي ته آهي ايتري تخريبڪاري کان بعد به جنهن کي ڪو گرفتار نه ٿو ڪري. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته خوراڪ کاتي پروڪيورمينٽ جي 50 سيڪڙو ڪم گذريل مهيني ئي مڪمل ڪيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وفاق ۾ پيپلزپارٽي، ايم ڪيو ايم ۽ ٻيون پارٽيون به آهن ان ڪري اسان چاهيون ٿا ته ماحول سٺو هجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي گهر تي ٽينڪر آرڊر ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي ۽ ٻڌايو ته سنڌ کي وفاق کان گهربل فنڊ نه ٿا ملن ۽ سنڌ کي پاڻي ۾ ان جو جائز حصو نٿو ملي.
مَي 29, 2023