ڪراچي مان علي زيدي ۽ عمران اسماعيل به پي ٽي آءِ کي الوداع چئي ڇڏيو
ڪراچي ((ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻن علي زيدي ۽ عمران اسماعيل به پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. وڊيو بيان ۾ علي زيدي پارٽي ۽ سياست ڇڏڻ جو اعلان ڪندي چيو ته 9 مئي جي واقعن کانپوءِ گهڻي سوچ ويچار بعد سياست ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي سڀني عهدن تان به استعيفيٰ ٿو ڏيان. هن چيو ته اسان پاڪستان جي خدمت ڪئي ۽ پاڪستان لاءِ سياست ۾ آيو هيس، 9 مئي واقعن جي مذمت ڪئي هئي ۽ ٻيهر ڪيان ٿو، فوج اسان جو فخر آهي، ان سبب اسان سڪون سان سمهندا آهيون، اهي اسان جي سرحدن جي حفاظت ڪندا آهن. سندس چوڻ هو ته جيڪو ٿيو غلط ٿيو، ان ۾ جيڪو به ملوث آهي، ان کي انجام تي پهچائڻ ضروري آهي، ملڪ جي خدمت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس. هوڏانهن ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ جي اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل به تحريڪ انصاف ڇڏڻ جو اعلان ڪيو. هن چيو ته اڄ شايد منهنجي آخري سياسي پريس ڪانفرنس آهي، مان تحريڪ انصاف جي باني ميمبرن مان آهيان، ترقي، خوشحالي واري پاڪستان جو خواب ڏٺو هو. سندس چوڻ هو ته 27 سالن جي جدوجهد کانپوءِ ملندڙ حڪومت پوڻن چئن سالن ۾ فارغ ٿي، اهو بيانيو ٺهڻ شروع ٿيو ته پي ٽي آءِ جو مقابلو فوج سان آهي، منهنجي دل پاڪ فوج سان گڏ آهي، ننڍپڻ کان خواهش هئي ته ڊي جي پائلٽ بڻجان. عمران اسماعيل چيو ته فوجي ملڪيتن تي حملو ڪندڙن کي سزا ملڻ گهرجي، 9 مئي کانپوءِ ڪجهه ڏينهن لڪندو رهيس، پوءِ پڪڙجي پيس. هن چيو ڪنهن جي دل آزاري ٿي ته معافي ٿو گهران، پي ٽي آءِ ۽ ان جا سڀ عهدا ڇڏي رهيو آهيان، عمران خان توهان کي خدا حافظ ۽ تحريڪ انصاف کي الله حافط چوان ٿو.
مَي 28, 2023