عمران خان جو بچڻ ڏکيو ئي نه ناممڪن آهي: ريحام خان
اسلام آباد ( (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي اڳوڻي گهرواري ريحام خان چيو آهي ته عمران خان جيڪو جهيڙو ڪيو آهي، هاڻ ان جو بچڻ ڏکيو ئي نه ناممڪن آهي. ڊجيٽل ميڊيا سان گفتگو دوران ريحام خان چيو ته جيڪو انسان ماڻهن کي استعمال ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي مفاد لاءِ ڇڏي ڏئي ۽ پوءِ ماڻهو ان کي اڪيلو ڇڏي ڏين ته اها حيرت جي ڳالهه ناهي، عمران خان جو سياسي مستقبل هاڻ نظر نه پيو اچي. هن چيو اسان گهڻو ڪجهه معاف ڪري سگهون ٿا پر جڏهن شهيدن جي مائرن جي جذبن کي ڇيهو رسايو وڃي ته ان کان وڏو ڪهڙو ظلم هوندو، اهو الله پاڪ جو ڪم هو ته جناح هائوس تي حملي سان ان جماعت جي اصليت سامهون اچي وئي ته ان ڪيئن نفرت جي باهه سان اسان جي ملڪ کي ساڙيو. سندس چوڻ هو ته جڏهن انسان تڪبر ۽ انا ۾ فيصلا ڪندو آهي ته اهي غلط هوندا آهن، منهنجي خيال ۾ عمران خان سياسي آپگهات ڪيو آهي، مان گذريل سال ئي چئي ڇڏيو هو ته عمران نيازي جي سياست ختم ٿي چڪي آهي پر منهنجي نشاندهي ايتري جلد سچ ثابت ٿيندي، اهو اندازو نه هو.
مَي 28, 2023