چوڌري وجاهت حسين پي ٽي آءِ ڇڏي ق ليگ ۾ واپسي جو اعلان ڪري ڇڏيو

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ(ق) جي صدر چوڌري وجاهت حسين پي ٽي آءِ ڇڏي(ق) ليگ ۾ واپسي جو اعلان ڪري ڇڏيو. رپورٽ موجب لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چوڌري وجاهت حسين چيو ته  هن وقت پورو پاڪستان فوجي ٺڪاڻن تي حملن جي مذمت ڪري رهيو اهي. اسان جي فيملي جو ڪڏهن به اهڙو رويو نه رهيو آهي مون ڪڏهن به ڪنهن ٻئي پارٽي ۾ شموليت ناهي ڪئي. وقت ثابت ڪيو ته اسان جي خاندان مان ڪجهه فيصلا صحيح نه هئا. خاندان جا ڪجهه ماڻهو جيڪي ٻين پارتين ۾ آهن انهن کي ڀليڪار چونداسين. هن چيو ته منهنجي مٿان داخل ڪيل ڪيس ڪوڙا هئا انهن جو حقيقت سان ڪوبه تعلق نه هو منهنجي خلاف ڪيس ميرٽ تي هلندا. هر شيءَ صحيح جڳهه تي ٿيندي ايندڙ ڏينهن ۾ اسان جو خاندان هڪ جڳهه تي گڏ هوندو. چوڌري وجاهت حسين چيو ته منهنجو مونس الاهي سان ڪوبه رابطو نه ٿيو آهي. مون کي پرويز الاهي ۽ مونس الاهي جي ڪيسز جي ڪابه خبر نه آهي. ان موقعي تي چوڌري شافع حسين چيو ته مونس الاهي ڇهه مهينا اڳ چيو هو ته ملندا جلندا رهنداسين پر سياست جيڪڏهن خاندان ۾ اچي وڃي ته ڏار پئجي ويندا آهن. وزيراعظم چوڌري شجاعت حسين کي چيو ته مون کي 9 مئي واقعي جو تمام گهڻو ڏک پهتو آهي.

مَي 23, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو