آرمي چيف پاران 25 مئي تي يوم تڪريم شهداءِ پاڪستان ملهائڻ جو اعلان
راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته پاڪ فوج جو هر سپاهي سياسي جهيڙن کان مٿانهون ٿي صرف پنهنجي فرض کي اوليت ڏيندو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن شهيدن ۽ غازين جي مان ۾ جي ايڇ ڪيو ۾ ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب شهيدن ۽ غازين جي اعزاز ۾ جي ايڇ ڪيو ۾ تقريب ڪوٺائي وئي. ان دوران آرمي چيف پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن کي اعزازن سان نوازيو. تقريب ۾ وڏي تعداد ۾ پاڪ فوج جي سينئر آفيسرن ۽ شهيدن جي گهر ڀاتين شرڪت ڪئي. تقريب ۾ 51 آفيسرن کي ستاره امتياز(ملٽري) 22 آفيسرن کي تمغه بسالٽ ۽ 2 جوانن کي گڏيل قومن جي خصوصي مڊل جي اعزاز سان نوازيو ويو. ان موقعي تي جنرل عاصم منير 25 مئي تي يوم تڪريم شهداءِ پاڪستان ملهائڻ جو اعلان پڻ ڪيو. ان موقعي تي آرمي چيف چيو ته بنا ڪنهن شڪ جي شهيدن جي فرض شناسي ۽ عظيم قربانين جي ڪري اسان هڪ آزاد ملڪ ۾ زندگي گذاري رهيا آهيون. شهيدن جون قربانيون ۽ غازين جون خدمتون اسان جو قيمتي اثاثو آهن. جنرل عاصم منير چيو ته پاڪ فوج هڪ اداري طور پاڻ سان جڙيل هر ماڻهو ۽ ان جي گهر ڀاتين کي هميشه ياد رکندو آهي ۽ اسان جو رشتو بطور خاندان فخر جوڳو آهي. پاڪ فوج جو هر سپاهي ۽ آفيسر سمورن علاقائي، لساني ۽ سياسي حسد کان مٿانهون ٿي صرف ۽ صرف پنهنجي فرض ۽ ذميواري کي اهم رکندو آهي. مضبوط فوج ملڪ جي سلامتي ۽ اتحاد جي ضمانت هوندي آهي. هن تازو فوجي ٺڪاڻن، يادگارن ۽ شهيدن جي يادگارن تي حملن کي انتهائي افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو ته اهو سڀ ڪجهه برداشت نه ڪرڻ جوڳو آهي.
مَي 23, 2023