فوجي ٺڪاڻن تي حملو ڪندڙن سان ملڪ دشمنن جهڙو سلوڪ ٿيندو: خواجه آصف
سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ) دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته فوجي ٺڪاڻن تي حملو ڪندڙن سان اهوئي سلوڪ ڪيو ويندو جيڪو قانون موجب پاڪستان جي دشمنن سان ڪيو ويندو آهي. سيالڪوٽ ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي خواجه آصف چيو ته اسان ڪنهن جا به بنيادي حق نه ڦري رهيا آهيون. قانون جو استعمال سياسي مقصدن لاءِ نه هوندو. مان ڪنهن جي به حب الوطني تي شڪ نه ڪندو آهيان پر 9 مئي تي آرمي ٺڪاڻن تي حملو ڪندڙن جي نيت ۽ ملڪ جي مٽي سان رشتي تي سواليه نشان نظر اچي ٿو. هن چيو ته پي ٽي آءِ قيادت ادارن کي ٽارگيٽ ڪري رهي آهي. عمران خان ٻين ملڪن کي به شامل ڪري رهيو آهي. پاڪ فوج جون قربانيون اسان جي تاريخ جو اهم حصو آهن. پاڪستاني قوم پاڪ فوج سان محبت ڪري ٿي، هي وقت آهي ته سموري قوم گڏ ٿي پاڪ فوج سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ۽ هن رشتي کي وڌيڪ مضبوط بنائي. سينئر ليگي اڳواڻ چيو ته هڪ شخص صرف اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ اثاثن تي حملو ڪيو، ايئربيس تي حملو دشمن ڪندو آهي ڪوبه محب وطن قومي اثاثن تي حملو نٿو ڪري سگهي، سياستدانن وٽ اقتدار ايندو ۽ ويندو رهندو آهي پر اسان ڪڏهن به پاڪ فوج سان پنهنجي رشتي تي سواليه نشان نه ٺاهيو آهي. خواجه آصف وڌيڪ چيو ته قانون موجب بنيادي حقن جي حفاظت ڪئي پئي وڃي. حملي ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن. قانون جو استعمال سياسي مقصدن لاءِ نه هوندو. فوجي ٺڪاڻن تي حملو ڪندڙن سان اهوئي سلوڪ ڪيو ويندو جيڪو قانون موجب پاڪستان جي دشمنن سان ڪيو ويندو آهي. هوڏانهن سيالڪوٽ ۾ پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ دفاع واري وزير خواجه آصف خصوصي طور شرڪت ڪئي. ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن پاڪ فوج زنده باد جا نعرا لڳايا. دفاع واري وزير چونڊه ۾ شهيدن جي يادگار جو به دورو ڪيو.
مَي 22, 2023