عمران خان کي گرفتار ٿيڻ کان ڪير به نٿو بچائي سگهي: شرجيل ميمڻ
ڪراچي (رپورٽر) صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ عمران خان کي گرفتار ٿيڻ کان ڪير به نٿو بچائي سگهي. هن ڪيس ۾ ڪنهن به گواهه جي ضرورت نه آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاري لاءِ بينڪ جي اسٽيٽمينٽ ئي ڪافي آهي. عمران خان خلاف بي آر ٽي جا ڪيسز آهن هن پنهنجا گهر ريگولائيز ڪرايا. هن جي ئي چوڻ تي بسن کي باهيون ڏنيون ويون. هاڻ هو آمريڪا کان مدد گهري رهيو ڪجهه به ٿي وڃي پر هاڻ عمران خان کي جيل ياترا ڪرڻي پوندي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ جي صوبائي وزير ۽ پيپلز پارٽي اڳواڻ شرجيل ميمڻ چيو ته بلاول ڀٽو اڄ 3 ڏينهن جي دوري تي ڪشمير وڃي رهيو آهي بلاول جو هر پرڏيهي دورو ڪامياب رهيو. هن هر فورم تي ڪشمير جو ڪيس وڙهيو، اسان ڪشمير جي معاملي تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪنداسين. شرجيل ميمڻ چيو ته مودي اقتدار ۾ اچي ڪشمير جي حيثيت تبديل ڪري ڇڏي. ڪشمير جي حيثيت عمران خان جي دور ۾ تبديل ڪئي وئي. پي ٽي آءِ چيئرمين ڪشمير تي تمام گهڻيون غلطيون ڪيون. هن پاڪستان ڪاز کي به نقصان پهچايو. عالمي سطح تي پاڪستان جي عزت کي مجروح ڪيو ويو ۽ ملڪي ادارن جي تنقيد ڪئي. اڄ تائين ڪنهن به حڪمران اهڙي طرح پنهنجي ادارن تي تنقيد نه ڪئي آهي. صوبائي وزير چيو ته عوام کي چوان ٿو ته خدا جي واسطي پنهنجون اکيون کوليو اڳواڻ جو مطلب آهي ته اهو قوم کي صحيح ۽ غلط جو ٻڌائي ۽ قوم کي صحيح رستي تي وٺي هلي. عمران خان صرف پنهنجي اقتدار جي لاءِ قوم سان ڪوڙ ڳالهائيندو آهي. عوام منافت خلاف اکيون کولي. شرجيل ميمڻ چيو ته اسان سياسي ماڻهو آهيون، ڪنهن کي جيل ۾ ڏسي خوش ناهيون ٿيندا. سياست ۾ اختلاف راءِ هوندي آهي. دشمني نه هوندي آهي. هڪ ملڪ ۾ رهندڙ سڀ هڪ قوم آهن پر عمران خان قوم ۽ ادارن کي وڙهائڻ جي ڪوشش ڪئي. شرجيل چيو ته ماڻهن کي جهازن ۾ ڀري آندو ويو ۽ عمران خان جي حڪومت ٺاهي وئي، هن پاڻ کي آڻيندڙ کي به شرمنده ڪيو. هي پهريون وزيراعظم آهي جنهن کي عدم اعتماد ذريعي هٽايو ويو. هن ۾ رياست هلائڻ جي ڪابه اهليت نه آهي. هن پرڏيهه ۾ رهندڙن کي چيو ته مون کي آرمي چيف هٽايو آهي پاڪستان جي عوام آڏو آمريڪا جو نالو کڻي رهيو آهي. عمران خان جي بيانن ۾ تضاد نه صرف منافقت آهي.
مَي 22, 2023