9 مئي جي منصوبي سازن، اڪسائيندڙن ۽ عمل ڪندڙن خلاف آرمي ايڪٽ تحت ڪاروائي شروع آھي: آرمي چيف
راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته 9 مئي جي منصوبي سازن، اڪسائيندڙن ۽ عمل ڪندڙن خلاف آرمي ايڪٽ تحت قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير لاهور جو دورو ڪيو ۽ کيس 9 مئي جي واقعن تي بريفنگ ڏني وئي. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته آرمي چيف شهيدن جي يادگار تي گل نڇاور ڪيا ۽ وطن لاءِ جانيون قربان ڪندڙ شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي. ان موقعي تي آرمي چيف جناح هائوس ۽ فوجي ملڪيتن جو به دورو ڪيو. هن چيو ته 9 مئي سانحي جي ذميوارن خلاف آرمي ايڪٽ ۽ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي. آرمي چيف چيو ته پاڪ فوج جي طاقت ان جو عوام آهي، فوج ۽ عوام وچ ۾ ڏار وجهڻ جي ڪوشش رياست خلاف عمل آهي، اهڙو عمل ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته دشمن قوتون ۽ انهن جا حامي فيڪ نيوز ۽ پروپئگنڊا ذريعي ڏڦيڙ پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، قوم جي سهڪار سان دشمن جي اهڙن عزمن کي ناڪام بڻايو ويندو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف سروسز اسپتال لاهور جو به دورو ڪيو ۽ 9 مئي تي زخمي ٿيندڙ ڊي آءِ جي علي ناصر رضوي جي عيادت ڪئي، جڏهن ته هن قربان لائنز جو به دورو ڪيو ۽ پوليس اختيارين سان ملاقات ڪئي. آرمي چيف پوليس جي شهيدن کي به ڀيٽا پيش ڪئي، جڏهن ته ڀڃ ڊاهه دوران پوليس جي پيشيوراڻي مهارت ۽ صبر جي مظاهري کي ساراهيو.
مَي 21, 2023