عمران عطا سومرو جو المناڪ وڇوڙو

Spread the love

نسيم اختر شيخ

اچانڪ موت جي خبر ٻڌي سڪتي ۾ اچي ويس، ڪجهه وقت کان پوءِ سامت ۾ آيس ته پيرائتي خبر جي تهه تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪئي. ميڊيا وسيلي خبر پئي ته سيڪريٽري سنڌ حڪومت عمران عطا سومرو دل جو دورو پوڻ سبب وفات ڪري ويو. اهڙي خبر پوڻ تي بي اختيار منهنجي زبان تان لفظ نڪتا”ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه،  اچي بوءِ بهار جي“. حقيقت به اها ئي آهي ته عمران عطا سومرو جو نالو ميڊيا توڙي سماج اندر اتساهه ڏياريندڙ بيورو ڪريٽ طور سڃاتو ويندو هو. ڪنهن به ڪم سانگي جيڪڏهن ڪوبه ماڻهو يا سائل، واقف ڪار يا اڻ واقف سندس آفيس ورڪس اينڊ سروس يا انفارميشن آفيس ۾ ساڻس ملاقات ڪندو هو ته يقينن ان جو جائز  ڪم نه رڳو ٿي ويندو هو، پر شفقت ڀرئي رويي سان کيس روحاني طور تي سڪون ملندو هو، جڏهن ته سنڌ حڪومت جي ننڍڙي ڪلارڪ سان ملڻ لاءِ به شهرين کي ”دل، گڙدو“ گهربل هوندو آهي، پر عمران عطا سومرو جي آفيس ۾ وڃڻ لاءِاهڙي وڏي اڳواٽ بندوبست ڪرڻ جي ضرورت ئي پيش نه ايندي هئي. اهو ئي سبب هو جو جڏهن سندس اچانڪ موت جي خبر نشر ٿي ته ميڊيا جي حلقن ۾ڏک جي لهر ڇانئجي وئي، ڇاڪاڻ ته عمران عطا سومرو بحيثيت سيڪريٽري اطلاعات سنڌ صوبي ۾نه رڳو قومي پر ريجنل اخبارن جي مالڪن سان تعلقات بهتر ڪيا، پر انهن کي به ڪنهن قدر بزنس ڏيڻ وارو ڪم ڪيو. اهڙي طرح سان ريجنل اخبارن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ خاص طور تي دلچسي ورتي. مرحوم عمران عطا سومرو سنڌ حڪومت جو سينئر ترين بيوروڪريٽ هو، هن 5 ڀيرا سيڪريٽري اطلاعات جون ذميواريون ادا ڪيون. سندس جو ذڪر سنڌ حڪومت جي بيورو ڪريسي ۾قابل آفيسر، صاف  ۽ شفاف ڪردار واري بيوروڪريٽ  جي حيثت سان ٿيندو رهندو. اهو ئي سبب آهي جو جڏهن سندس فوتگي جي خبر نشر ٿي ته سڀ کان پهرئين سنڌ جي وزير اعليٰ سيد مراد علي شاهه پاران ڏک جو اظهار ڪيو ويو،جنهن ۾ سيد مرادعلي شاهه مرحوم عمران عطا سومرو کي خراجِ  پيش ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت ۾ عمران عطا سومرو جون خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون ۽ مرحوم نهايت باڪردار، فرض شناس ۽ ڪرپشن کان پاڪ هو. اهڙي طرح سان مرحوم سول سرونٽس جي حيثيت سان جنهن به کاتي ۾ رهيو، اتي ان نهايت ئي ايمانداري سان نه رڳو ڪم ڪيو، پر اداري جي بهتر ڪارڪردگي ۽ ڪم جي طريقي ڪار کي سائنسي توڙي جديد انداز ۾ اختيار ڪرڻ کي اوليت ڏيندو هو.سندس بهتر ڪردار جي ڪري سندس شخصيت لاءِ ڀٽائي صاحب جو اهو شعر بلڪل ٺهڪي ٿو اچي ته: ” گهوڙن ۽ گهوٽن، جيئڻ  ٿورا ڏينهنڙا. ڪڏھن منجھ ڪوٽن، ڪڏھن راھي رڻ جا“

مَي 20, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو