جناح هائوس حملي سان پاڪستان جي بدنامي ٿي، مذمت ڪريان ٿو: عمران خان
لاهور ((ويب ڊيسڪ) پي ٽي آئي جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته جناح هائوس حملي سان ملڪ جي بدنامي ٿي مذمت ڪريان ٿو ايئن نه ٿيڻ گهرجي ها 7 هزار ماڻهن کي گرفتار ڪري پي ڊي ايم پاڻ ڦاسي پئي گذريل 35 سالن ۾ اهڙو رياستي ظلم ناهي ڏٺو رڳو عدليه شهرين جي حقن جو تحفظ ڪري رهي آهي ايترا ووٽ بئنڪ رکندڙ واري جماعت ۾ ڪنهن جي اچڻ وڃڻ سان ڪو فرق نٿو پوي آخري بال تائين وڙهڻ وارو ڪپتان آهيان آخري بال تائين وڙهندس دهشتگردي ٽوڙ جي عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته جناح هائوس حملي جي مذمت ڪريان ٿو اڳ به ڪئي ۽ هر پاڪستاني مذمت ڪري رهيو آهي جيڪو ڪجهه ٿيو نه ٿيڻ گهرجي ها اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ميڊيا کي پنهنجو گهر کولي ڏيکاريو دهشتگردن جي ترسڻ جي ڳالهين ۾ ڪائي صداقت نه آهي پي ڊي ايم جي قدمن ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين سان صرف ملڪ جي بدنامي ٿي خوف واري ماحول ۾ ملڪ نٿو هلي سگهي 7 هزار ماڻهن کي گرفتار ڪري پي ڊي ايم پاڻ ڦاسي پئي آهي انهيءِ بنياد تي چيو هو ته هڪ هفتي ۾ معاملا ٺيڪ ٿي ويندا عمران خان چيو ته جنهن جماعت جو ووٽ بئنڪ هجي ان کي هارائي نٿو سگهجي ايترا ووت بئنڪ رکندڙ پارٽي ۾ ڪنهن جي اچڻ ۽ وڃڻ سان ڪو فرق نٿو پوي هڪ طرفو ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن اسان ته 11 مهينن کان ڳالهينج ي ڳالهه ڪري رهيا آهيون عمران خان وڌيڪ چيو ته گذريل 35 سالن ۾ ايڏو رياستي ظلم ناهي ڏٺو مشرف جي دور ۾ ايئن نه ٿيو هو صياء جي دور جو پتو نه آهي پر ايڏو وڏو ڪريڪ ڊائون اڳ ڪڏهن نه ٿيو هو ماڻهن جا حق ڦٻايا ويا آهن اهڙي صورتحال ۾ رڳو ملڪ جي عدليه شهرين جي حقن جو تحفظ ڪري رهي آهي هن چيو ته يه چاهين ٿا ته تحريڪ انصاف کي بلڪل چيٿاڙي ڇڏيندا ۽ جيڪي چون ٿا ته ليول پلينگ فيلڊ ان جو مطلب اهو آهي ته جڏهن بلڪل پارٽي ختم ٿي وڃي ته اهو جيڪو پنهنجو پاڻ کي امام خميني چئي رهيو آهي جيڪو پاڪستان جو سڀ کان وڏو ڌاڙيل آهي ۽ روپوش ۽ اهو ئي پاڪستان جي اليڪشن وڙهي جلسن جلوسن جي اعلان جي حوالي سان عمران خان چيو ته هي اليڪشن جو سال آهي ڪهڙي ملڪ ۾ ٿيندو آهي ته اليڪشن جو سال هجي ۽ جلسا نه ڪري سگهون. صحافي سوال ڪيو ته هنن سڀني معاملن کي ڏسي ٻڌايو ته ڇا جناح هائوس حملي جي مذمت ڪريو ٿا جنهن تي عمران خان چيو ته مان اڳ به مذمت ڪئي هر پاڪستاني مذمت ڪري ٿو ان سان پاڪستان جي بدنامي ٿي ايئن نه ٿيڻ گهرجي ها.
مَي 20, 2023