پي ٽي آءِ جا ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز 9 مئي تي ٿيل واقعن ۾ ملوث ھُئا: شرجيل انعام ميمڻ
ڪراچي (رپورٽر) اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي شيڊول ۾ غيرضروري دير سان بيچيني پيدا ٿي رھي آھي، ڇاڪاڻ تھ مڪاني چونڊن جي پھرين مرحلي کي ھڪ سال کان وڌيڪ عرصو ٿي ويو آھي پر چونڊيل مڪاني نمائندا اڃا تائين قسم کڻي نھ سگھيا آھن، اُن باوجود اليڪشن ڪميشن دير وارو شيڊول ڏنو آھي. آرڪائيوز ڪامپليڪس ڪلفٽنڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل انعام ميمڻ مطالبو ڪيو تھ اليڪشن ڪميشن پنھنجي شيڊول ۾ فوري تبديلي ڪري تھ جيئن سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جو عمل جلد کان جلد مڪمل ٿي سگھي ۽ چونڊيل مڪاني نمائندا عوامي خدمت وارا پنھنجا فرض سرانجام ڏئي سگھن. ھن چيو تھ 9 مئي پاڪستان جي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينھن ھو، 9 مئي تي ماڻھن کي ستايو ويو، سرڪاري ۽ خانگي ملڪيتن کي باھھ ڏني وئي، پي ٽي آءِ جا ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز 9 مئي تي ٿيل واقعن ۾ ملوث ھُئا. ھن چيو تھ ڄاڙي ھڻڻ وارا ھاڻي بيان ۽ پارٽيون تبديل ڪري رھيا آھن، 2018 ۾ جھڙي ريت اُنھن ماڻھن کي ٻورين ۽ جھاز ۾ ڀري ھن پارٽي ۾ آندو ويو آھي، ھاڻي اُھي ماڻھو ساڳي اسپيڊ سان اُن کي ڇڏي رھيا آھن. ھن چيو تھ عمران خان 9 مئي جي واقعن جو الزام ڪنھن ٻئي تي مڙھيو پر وڊيوز جا ثبوت واضح طور تي ٻڌائي رھيا آھن تھ پي ٽي آءِ جا ايم اين اي، ايم پي اي ۽ ليڊر اُنھن واقعن ۾ پاڻ سر ملوث ھُئا، اُن موقعي تي ھن صحافين کي اسڪرين تي 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث جوابدارن جون وڊيوز بھ تفصيل سان ڏيکاريون. ھن چيو تھ وڏي وزير مراد علي شاھھ چيو آھي تھ 9 مئي کي جنھن ماڻھن جون موٽر سائيڪلون ساڙيون ويون آھن، سنڌ سرڪار اُنھن متاثر ماڻھن کي موٽر سائيڪلون ڏيندي، سنڌ حڪومت اُنھن متاثر ماڻھن کي موٽر سائيڪل ڏيندي، ڇاڪاڻ تھ اھي پورھيت ماڻھو پنھنجن ڪم ڪارن لاءِ گھرن کان موٽر سائيڪلن تي نڪتا ھُئا ۽ اُن تخريبڪاري جو شڪار ٿي ويا. ھن چيو تھ سنڌ سرڪار کي پنھنجي محنت ڪش شھرين جي اھنجن جو احساس آھي، اُن لاءِ اسان شھرين جي نقصان جي ازالي لاءِ قدم کڻي رھيا آھيون، پر ھي سمورا پئسا تخريب ڪاري ڪندڙن کان واپس ورتا ويندا. شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ ھو تھ آئون ڪنھن تي الزام نھ ٿو مڙھيا، فوٽيجز ۾ صاف طور تي ڏسي سگھجي ٿو تھ 9 مئي تي ٿيل واقعن ۾ عمران خان جا نمائندا ملوث ھُئا، اُنھن پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ملازمن کي بھ نشانو بڻايو. شرجيل انعام ميمڻ واضح ڪيو تھ قانون ھٿن ۾ کڻندڙن ۽ اھلڪارن تي تشدد ڪرڻ وارن کي ڪنھن بھ صورت ۾ بخش نھ ڪيو ويندو، شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ماڻھن کي منظم ۽ بدترين طريقي سان تشدد جو نشانو بڻايو ويو، عوام جي سفري سھولت لاءِ ڏنل بسون ساڙيون ويون، عمران خان اُنھن گاڏين ۾ سفر ناھي ڪندو، ھي گاڏيون عام عوام ۽ غريب ماڻھن جي سھولت لاءِ ھُيون، ھي نقصان غريبن کي رسايو ويو آھي، جيڪي ماڻھو 9 مئي وارن واقعن ۾ ملوث ھُئا، اُنھن کي ڪنھن بھ صورت ۾ معاف نھ ڪيو ويندو. شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ پي ٽي آءِ ھاڻي ھڪ دھشتگرد تنظيم بڻجي چُڪي آھي، پي ٽي آءِ 9 مئي تي جيڪو ڪجھھ ڪيو، اھو ڪنھن قومي جماعت جو ڪم نھ ٿو ٿي سگھي، ڪابھ قومي پارٽي اھڙي قسم جي تشدد جي سياست ناھي ڪندي ۽ نھ ئي اُن جو سياسي طرز عمل آھي. عمران خان رڳو پنھنجي اقتدار جي حوس ۽ پنھنجي انا جي تسڪين لاءِ ماڻھن کي انساني ڍال طور استعمال ڪندو آھي، کيس عوام سان ڪو سروڪار ناھي، عمران جي پارٽي جا ماڻھو جيلن ۾ آھن ۽ ھُو پاڻ گھر ويٺو آھي، ٻين جي ٻارن کي احتجاج لاءِ اتساھي رھيو آھي، پر سندس ٻار ملڪ کان ٻاھر ويٺل آھن. ھن چيو تھ عمران خان تي ڪرپشن جا سنگين ڪيسز آھن، اسان ڪوشش ڪئي تھ سموريون پارٽيون گڏجي ڪوششون ڪن، پر عمران خان ملڪي ادارن کي نشانو بڻايو آھي، معصوم ماڻھن کي گمراھھ ڪري اُنھن کي روڊن تي آڻي رھيو آھي، پنھنجي سياست جي لاءِ اُنھن کي انساني ڍال طور استعمال ڪري رھيو آھي، قوم اکيون کولي، ھي شخص عوام کي پنھنجي ذاتي مفادن ۽ اقتدار جي حاصلات لاءِ استعمال ڪري رھيو آھي. شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ القادر ٽرسٽ جا پئسا ڪھڙي حساب ۾ قومي خزاني بدران ڪنھن ٻئي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرايا ويا، ڏٺو وڃي تھ ھي پئسا ڪٿان آيا ۽ ڪنھن موڪليا، اھو ڪٿي بھ ناھي ٿيندو تھ ھڪ کاتي جا پئسا ڪنھن ٻئي کاتي جي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرايا وڃن. ھن چيو تھ ھنن ماڻھن کي ٿيلھا ڀري ضمانتون ملي رھيون آھن، جڏھن تھ اسان کي ورھين تائين ضمانت نھ ملي سگھي، سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني کي اڃا تائين ضمانت ناھي ملي، جڏھن تھ پي ٽي آءِ جي لاءِ ضمانت ڪو مسئلو ئي ناھي، اسان لاءِ ضمانت ناممڪن ھُئي، ھي ٻٽو معيار ختم ٿيڻ گھرجي، پيپلز پارٽي جي قيادت کي ورھين تائين جيلن ۾ قيد رکيو ويو ۽ ضمانت نھ ڏني وئي، ھڪ ملڪ ۾ ھڪ ئي قانون ھجڻ گھرجي، 22 ڪروڙ عوام کي ھڪ نظر سان ڏسڻ گھرجي، فيصلا ھڪ آئين تحت ٿيڻ گھرجن، آئين، قانون، پارليامينٽ کي بلڊوز ڪرڻ، آئين تي پابندي لڳائڻ، پارليامينٽ جي حق تي ڌاڙي ھڻڻ، پنھنجي فيملي کي فائدو پھچائڻ جو اختيار ڪنھن وٽ بھ ناھي. شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ملڪ اڳواٽ ئي گھڻا نقصان ڀوڳيا آھن، ھي وطن آھي تھ اسان آھيون، ھر صوبي ۾ رھندڙ عوام جا حق ھڪجھڙا ۽ برابر آھن، اھو نھ ٿو ٿي سگھي تھ ھڪ مخصوص طبقي کي اوھان مسلسل رعايتون ڏيو ۽ جيڪو اوھان کي يا اوھان جي گھر وارن کي پسند ناھي اُن کي سزائون ڏيو، ھن وقت جيڪو ڪجھھ ٿي رھيو آھي اھو قبولڻ ۽ برداشت جوڳو ناھي. ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو تھ ھن سوال مان ثابت ٿئي ٿو تھ عمران خان جا لانيئسٽ ٻاھر بھ ڪم ڪري رھيا آھن، ھن سوال ڪيو تھ عمران خان سان ڪھڙو ظلم ٿيو آھي؟ عمران خان غير ملڪي فنڊنگ ورتي ۽ پنھنجو ڏوھھ بھ قبولي ورتو، دُنيا جي ڪھڙي قانون ۾ لکيل آھي تھ ملڪيتون لڪايون وڃن، عمران خان جي سرگرمين کان بي خبر ماڻھن کي جڏھن عمران خان جي سرگرمين بابت خبر پوندي تڏھن ھُو پنھنجون قراردادون ۽ اھڙي قسم جا خط واپس وٺي ڇڏيندا. شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ ھو تھ جنھن رستي تي ملڪ کي ھلايو پيو وڃي اھو صحيح ناھي، آئون گذريل پنجن ورھين کان پيشيون ڀوڳي رھيو آھي، مون کي اڄ تائين ڪنھن بھ ”گڊ ٽو سِي يو“ ناھي چيو، ھڪ شخص جيڪو جوابدار آھي، اُن کي ڏسي ايئن چيو پيو وڃي. ساڻس بادشاھھ سلامت وارو سلوڪ ٿي رھيو آھي. ھن چيو تھ پي ٽي آءِ جا ماڻھو، جيڪي وڳوڙن ۾ ملوث ھُئا، اُنھن خلاف شاھديون موجود آھي، ادارن تي حملا ڪري ادارن تي الزام مڙھيو پيو وڃي، سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر معافي لاءِ درخواستون موڪلي رھيو آھي، پر اُنھن ماڻھن جيڪي بسون ۽ گاڏيون ساڙيون آھن، اُنھن جا پئسا کين پاڻ ڀرڻا پوندا. شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ ھو تھ پيپلز بس سروس کي ساڙڻ ۽ ڀڃ ڊاھھ ڪرڻ وارن جي ايف آءِ آر داخل ٿي چُڪي آھي، جنھن بھ اھو غلط ڪم ڪيو اُن کي نقصان ڀوڳڻو پوندو، سنڌ سرڪار سدائين ماڻھن کي نقصان جو معاوضو ادا ڪيو آھي، بولٽن مارڪيٽ ساڙي وئي، ٽمبر مارڪيٽ ۾ باھھ لڳي، سنڌ سرڪار متاثرن جي مدد ڪئي آھي ۽ آصف علي زرداري صاحب جي حڪم تي متاثرن کي معاوضو بھ ڏنو ويو، پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت سدائين پاڪستان جي عوام جي ڀلائي خيال رکندي آھي ۽ اُن کي مسلسل جاري رکندي.
مَي 19, 2023