ايران ۽ پاڪستان جي بارڊر تي مارڪيٽ قائم، ايراني صدر ۽ وزيراعظم شھباز افتتاح ڪري ڇڏيو
رديگ (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ايراني صدر ابراهيم رئيسي مند تعلقي جي علائقي رديگ ۾ مند پشين بارڊر مارڪيٽ ۽ 100 ميگاواٽ گبد پولان بجلي جي ٽرانسميشن لائين جو افتتاح ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، توانائي وارو وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ وڏو وزير عبدالقدوس بزنجو به موجود هئا. وزيراعظم شهباز شريف جي گوادر پهچڻ تي بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو سندن آجيان ڪئي، جنهن کانپوءِ وزيراعظم مند پشين بارڊر مارڪيٽ جي افتتاح جي لاءِ مند تعلقي جي علائقي رديگ پهتو، جتي ايران جي صدر ابراهيم رئيسي وزيراعظم جي آجيان ڪئي. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن گرمجوشي سان هٿ ملايو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ايراني صدر ابراهيم رئيسي مند پشين بارڊر مارڪيٽ جو افتتاح ڪيو ۽ ٻنهي اڳواڻن مارڪيٽ جي مختلف حصن جو معائنو ڪيو ۽ دوستي جي علامت طور ٻوٽو پڻ پوکيو. بارڊر مارڪيٽ جي قيام سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي فروغ ۾ مدد ملندي. سرحد جي ٻنهي طرفن رهندڙ ماڻهن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ اسمگلنگ روڪي ويندي. ان کانسواءِ به حڪومت وڌيڪ 5 مارڪيٽس تي به ڪم ڪري رهي آهي، جن کي جلد واپار جي لاءِ کوليو ويندو. بعد ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ ايران جي صدر ابراهيم رئيسي 100 ميگاواٽ گبد پولان بجلي جي ٽرانسميشن لائين جو به افتتاح ڪيو. گبد پولان ٽرانسميشن لائين وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ذاتي دلچسپي جي ڪري رڪارڊ مدي ۾ تعمير مڪمل ٿي آهي. ان ٽرانسميشن لائين جي مڪمل ٿيڻ سان ايران کان درآمد ٿيندڙ سستي بجلي جي مجموعي مقدار 204 ميگاواٽ ٿي وئي آهي. 132 ڪي وي جي ٽرانسميشن لائين کي اپ گريڊ ڪري 220 ڪي وي ڪيو ويو آهي. چئن مهينن جي رڪارڊ مدي ۾ اهو منصوبو مڪمل ڪيو ويو آهي. نئين ٽرانسميشن لائين سان بلوچستان جي سرحدي علائقن ۾ بجلي جي پهچ ۾ بهتري ايندي ۽ ڪاروباري سرگرمين جي لاءِ بجلي جي وڌيڪ مقدار ميسر ايندي. ان منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان وزيراعظم شهباز شريف جو بلوچستان ۾ بنا رڪاوٽ بجلي جي فراهمي جو واعدو پورو ٿي ويو آهي. ان موقعي تي ڳالھائيندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ آزاداڻي واپار جي معاهدي کي جلد حتمي شڪل ڏني ويندي، ايران جي صدر سان واپار، سيڙپڪاري، انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت، شمسي توانائي ۽ معيشت جي ٻين شعبن ۾ تعاون جي فروغ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي آهي، بارڊر مارڪيٽ جي قيام ۽ نئين ٽرانسميشن لائين سان پاڪ ايران دوستي مضبوط ٿيندي، گڏيل واپار ۾ اضافو ٿيندو ۽ اهي منصوبا ٻنهي ملڪن جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندا. هن اهڙن خيالن جو اظهار پاڪ ايران سرحد تي معزز اڳواڻن سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ايران جي صدر ابراهيم رئيسي سان گڏيل دلچسپي جي سمورن معاملن تي لاڀائتن ۽ تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي آهي. ٻنهي طرفن کان سنجيدگي ۽ خلوص سان ان ڳالهه جو کليل اظهار ڪيو ويو آهي ته ٻئي ڀائر ۽ اسلامي ملڪ واپار، سيڙپڪاري، انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت ۽ معيشت جي ٻين شعبن ۾ هڪ ٻئي جو تعاون ڪندا. آزاداڻي واپار کي جلد حتمي شڪل ڏني ويندي، اهو طئي ٿيو ته ايران کان بجلي جي پهچ ۾ وڏي گنجائش آهي، ان ۾ به گڏيل تعاون کي فروغ ڏنو ويندو. وزيراعظم چيو ته ان جي تجويز تي ايراني صدر خاطري ڪرائي آهي ته شمسي توانائي جي شعبي ۾ ٻئي ملڪ تعاون کي تيزي سان فروغ ڏنو ويندو ڇو ته ان ۾ وڏي گنجائش آهي. وزيراعظم چيو ته هن ملاقات ۾ سي پيڪ جي حوالي سان مثبت تجويزون پيش ڪيون آهن. اسان جي وچ ۾ فائديمند ۽ مثبت ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ۽ ان تي عملدرآمد جي لاءِ تيزي سان قدم کنيا پيا وڃن. وزيراعظم چيو ته اڄ مند پشين بارڊر مارڪيٽ جو افتتاح ڪيو ويو آهي، اهو منصوبو ٻنهي ملڪن ۾ واپار وڌائيندو، ڀرپاسي جي علائقن ۾ ترقي ۽ خوشحالي ايندي، هتي واپاري مرڪز ٺهندا جنهن جي ذريعي واپار ٿيندو، هي اهو هدف آهي جنهن جي لاءِ ايران ۽ پاڪستان گڏجي پنهنجي قوم جي ترقي ۽ خوشحالي جو پيغام آڻي سگهن ٿا. وزيراعظم چيو ته شمسي توانائي جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ هڪ ٻئي جي ملڪن جا دورا ڪنداسين. اڄ پاڪستان ۽ ايران جي لاءِ وڏو ڏينهن آهي، گوادر جي لاءِ 100 ميگاواٽ بجلي جي پهچ لاءِ ٽرانسميشن لائين جو منصوبو دير جو شڪار هو، موجوده حڪومت ان کي تيزي سان مڪمل ڪيو آهي ۽ ايران جي صدر ان ۾ ذاتي دلچسپي ورتي آهي. بجلي جي ٽيرف کي به گڏيل رضامندي سان طئي ڪيو ويو آهي. پاڪ ايران دوستي جي حوالي سان هي منصوبو انتهائي اهميت رکندڙ آهي، ان سان ٻنهي ملڪن جي دوستي مضبوط ٿيندي ۽ اهو عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندو.
مَي 19, 2023