ڪنهن سياسي جماعت کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي حمايت نٿا ڪيون: بلاول ڀٽو زرداري
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪنهن سياسي جماعت کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي حمايت نٿا ڪيون. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اصولي طور ڪنهن سياسي جماعت کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي حق ۾ ناهيون، حالتون ڏسي اهڙا فيصلا ڪيا ويندا آهن، جيڪڏهن ڪو اهڙو فيصلو ٿيو ته اهو مجبوري سبب ڪيو ويندو. هن چيو پي ٽي آءِ جيڪڏهن سياسي جماعت رهڻ چاهي ها ته پرامن احتجاج جو سڏ ڏئي ها، سياستدان گرفتار ٿيندا آهن ته سياست جو نقصان ٿيندو آهي، اسان ڪڏهن ان تي جشن ناهيون ملهائيندا ۽ مٺايون ناهيون ورهائيندا. سندس چوڻ هو ته پ پ شروع کان نيب جي خلاف آهي پر پي ٽي آءِ نيب جو دفاع ڪيو، اسان جي خيال ۾ نيب کي بند ڪرڻ گهرجي. ٻئي رپورٽ مطابق پرڏيهي وزير ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ه پي ٽي آءِ لاءِ لازمي آهي ته هو هڪ سياسي پارٽي جي حيثيت سان پنهنجي حيثيت برقرار رکي ۽ دهشتگردي جي حمايت ڪندڙ گروپ ۾ تبديل نه ٿئي. “سندن اهڙو عمل پارٽي تي پابندي لڳڻ کان روڪڻ ۾ مدد ڏيندو.” هن چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ رياست خلاف هٿياربند بغاوت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته پوءِ حڪومت لاءِ پارٽي تي پابندي لڳائڻ ضروري ٿي سگهي ٿو پر هن اميد ظاهر ڪئي ته حڪومت ان طرف نه ويندي. هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ کي پرتشدد ڪارواين ۽ رياستي ادارن تي حملن کان پاسو ڪرڻ گهرجي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پيپلز پارٽي شروع کان ئي نيب جي خلاف آهي، پيپلز پارٽي سمجهي ٿي ته اسان کي نيب جو ادارو بند ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪيترائي اونداهي وارا ڏينهن شامل آهن، پيپلز پارٽي ڪڏهن به ڪنهن سياستدان جي گرفتاري تي جشن ناهي ملهايو ۽ نه ئي مٺايون ورهايون. اسين ڪنهن سياسي پارٽي تي پابندي جي حق ۾ ناهيون، اسانجي جماعت تي ماضي ۾ پابندي لڳي ۽ چونڊ نشان به تلوار مان تير ۾ بدلايو ويو. هن چيو ته تحريڪ انصاف جو رد عمل سياسي ناهي، جي ايڇ ڪيو تي حملو اڳ ۾ ڪالعدم تحريڪ طالبان ڪيو ۽ هاڻي تحريڪ انصاف ڪيو آهي. زيارت ۾ جناح ريزيڊنسي تي بي ايل اي حملو ڪيو ۽ لاهور جي جناح هائوس تي پي ٽي آءِ حملو ڪيو. سياسي جماعتون هٿياربند ٿي حملا ناهن ڪنديون، پر امن احتجاج سڀني جو حق آهي پر تشدد جي ڪنهن کي اجازت ناهي، جيڪو پرتشدد ڪاروايون ڪندو ته قانون حرڪت ۾ ايندو.
مَي 12, 2023