عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ جو احتجاج افسوسناڪ آهي: آصف علي زرداري

Spread the love

ڪراچي (رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ شهرن ۾ جيڪي فساد ٿيا آهن، اهي افسوسناڪ آهن.پنهنجي بيان ۾ اڳوڻي صدر چيوته 14 سال جيل ۾ رهيو پر ڪڏهن به ڪنهن مجرم کي قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني.آصف علي زرداري چيو ته افراتفري ۽ عوامي ملڪيت کي نقصان پهچائڻ واري عمل کي برداشت نه ڪيو ويندو.هن چيو ته عمران خان کي ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، عمران خان کي عدالتن کي منهن ڏيڻ گهرجي، کيس ڊڄڻ يا ڀڄڻ نه گهرجي.هن چيو ته پيپلز پارٽي جي  اڳواڻن پنهنجي زندگي جيلن ۾ گذاري پر قانون هٿ ۾ نه کنيو.

مَي 11, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو