ڪيترائي ڀيرا نوٽيس جي باوجود عمران خان پيش ٿيڻ کان انڪار ڪيو: رانا ثناءُ الله

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي گرفتاري جي حمايت ڪري ڇڏي. هن چيو ته عمران خان مٿان داخل ڪيسز ڊاڪيومينٽڊ آهن. ٻين تي الزام لڳائيندڙ پاڻ ڪرپشن ڪري رهيو هو. گهرو وزير چيو ته نيب ۾ عمران خان خلاف جاچ هلي رهي هئي جنهن ۾ 50 ارب روپيه قومي ناڻي کي نقصان جو معاملو آهي. القادر ٽرسٽ ۾ 5 ارب روپين جي ملڪيت عمران خان جي نالي تي آهي. صحافي طرفان سوال ڪيو ويو ته جاچ کان اڳ گرفتار ڇو ڪيو ويو؟ سوال جو جواب ڏيندي راڻا ثناءُالله چيو ته اها ڳالهه صحيح آهي ته سمورو معاملو دستاويزن ۾ آهي. ڪجهه وقت اڳ دستاويز پيش ڪيا هئا جنهن جو اڄ تائين جواب ناهي ڏنو ويو. هن چيو ته جيڪڏهن  عمران خان جاچ ۾ شامل ٿئي ها ته کيس گرفتار ڪرڻ کان سواءِ ريفرنس  عدالت ۾ پيش ٿي سگهيو ٿي. ڪيترائي ڀيرا نوٽيس جي باوجود عمران خان پيش ٿيڻ کان انڪار ڪيو. لکت ۾ به جواب ناهي ڏنو ويو. عمران خان جي گرفتاري جو دفاع ڪندي راڻا ثناءُالله چيو ته قومي ناڻي کي 50 کان 60 ارب روپين جو نقصان پهچايو ويو. جيڪڏهن اهو الزام لڳايو ويندو ته اوهان گرفتار ڇو ڪيو ۽ جاچ ڇو ڪئي ته اهڙي قسم جي ڏوهن کي ڪيئن ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو. گهرو وزير چيو ته ٻين تي الزام لڳائيندڙ پاڻ ڪرپشن ڪري رهيو هو، توشه خانه ۾ ڪروڙين، اربين روپيه وصول ڪري رهيو هو. ان کان علاوه عمران خان خلاف ٻين به ڪيترين جڳهين تي جاچ هلي رهي هئي. هڪ سوال تي راڻا ثناءُالله چيو ته جيڪڏهن سپريم ڪورٽ ۾ ڪجهه غلط ٿيو آهي، عدالت کي جيڪو به ڪرڻو آهي ڪرڻ گهرجي، عدالت سڳوري کي مني لانڊرنگ جو پئسو اڪائونٽ ۾ جمع نه ڪرڻ گهرجي ها. عدالت طرفان وزيراعظم ۽ حڪومت خلاف ڪارروائي بابت سوال تي گهرو وزير چيو ته اسان جي خلاف ڪهڙي شيءَ جي ڪارروائي ٿيندي. جيڪڏهن اسان جي خلاف ڪجهه به ٿيو ته اسان پنهنجو موقف سامهون رکڻ لاءِ تيار آهيون.

مَي 10, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو