ڪراچي کان ڪشمور تائين سمورن ضلعن جا چيئرمين جيالا هوندا: بلاول ڀٽو

Spread the love

ڪراچي ( رپورٽر ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي 63 تڪن تي مڪاني ادارن جي ننڍي چونڊ ۾ پارٽي جي ڪاميابي شڪر جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت سمورن ضلعن جا چيئرمينجيالا هوندا. پنهنجي هڪ بيان ۾ بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته ڪراچي کان ڪشمور تائين عوام پ پ تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته ڪاميابي عوام جي اعتماد، اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قربانين ۽ جيالن جي محنت جو نتيجو آهي. پ پ چيئرمين وڌيڪ چيو ته جيالن جي ڪُلهن تي ذميواريون وڌي ويون آهن، عوام جي بنا فرق خدمت ڪرڻ ئي اسان جي سڃاڻپ آهي

مَي 9, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو