عمران خان کي سزا ملڻ سان ملڪي مسئلن جو حل نڪرندو: مريم اورنگزيب
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ملڪي مسئلن جو حل اهو آهي ته ملڪ خلاف سازش ڪرڻ ۽ چورين تي عمران خان کي سزا ملڻ گهرجي. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي بيان تي رد عمل ڏيندي مريم اورنگزيب چيو ته لڳي ٿو ته پرڏيهي ايجنٽ وزيراعظم شهباز شريف جي برطانوي بادشاهه سان وڊيو ڏسي ورتي آهي. هن چيو ته اوهان جو شر، زهر، غليظ ذهنيت معاشري ۾ عدم برداشت ۽ تشدد پيدا ڪري رهي آهي. ملڪ کي اوهان جهڙا فتنا ۽ فساد نه پرماني، روزگار ۽ ڪاروبار گهرجي. ملڪ ۾ انتهاپسندانه روين جو سبب به اوهان آهيو، اوهان جي ڪري ئي اڄ هجوم هٿان ماڻهن جو قتل ٿي رهيو آهي. ڪڏهن ڀارت، ڪڏهن ڪشمير، ڪڏهن اسلام آباد تي ڪرندڙ سياست ڪندا آهيو. مريم اورنگزيب چيو ته پرڏيهي ايجنٽ انتشار جو سڏ صرف چين جي پرڏيهي وزير کي ڏسي ڏنو. سي پيڪ تي ڪم تيز ٿيندي ئي پرڏيهي ايجنٽ کي چريو ٿيڻ جو دورو پئجي ويو. پرڏيهي وزارت جو ڪامياب دورو ڀارت ۽ ڀارتي پرڏيهي وزير جي جواب کان پوءِ عمران خان مڪمل چريو ٿي ويو آهي. حڪومتي ترجمان عمران خان کي تنقيد جو نشانو بنائيندي وڌيڪ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف برطانوي بادشاهه سميت عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪري رهيو آهي. شهباز شريف ڇا ڪري رهيو آهي اهو تون نٿو ڏسي سگهين ڇو ته تو مٿي تي ڪاري بالٽي رکي ڇڏي آهي.
مَي 8, 2023