پاڪستان جي ترقي ۾ نوجوانن جو اھم ڪردار آھي: سيد مراد علي شاھ
سکر(رپورٽر) وزير اعلیٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ آئي بي اي يونيورسٽي ۾ نائين ڪانووڪيشن ۾مھمان خاص طور شرڪت ڪئي ان موقعي تي وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاھ ،صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ، وائس چانسلر آءِ بي اي يونيورسٽي سکر، اڳوڻو ميئر ارسلان اسلام شيخ، ڪمشنر سکر، ڊپٽي ڪمشنر سکر، ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي سکر ساڻس گڏ ھئا. ان موقعي تي وزير اعلیٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ آئي بي اي يونيورسٽي ۾ نائين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي چيو تہ ڪامياب ٿيندڙ شاگردن جي والدين کي مبارڪ باد ڏيان ٿو ۽ اڄوڪو ڏينھن توھان جي ڪاميابي جو ڏينھن آھي ڇاڪاڻ تہ پاڪستان جي ترقي ۾ نوجوانن جو اھم ڪردار آھي . وزير اعلیٰ سنڌ چيو تہ ڪووڊ 19ھڪ تمام وڏو مسئلو ھو جنھن کي اسان بھتر نموني سان حل ڪيو ان دوران سنڌ جي اھم شخصيت ۽ رھنما پروفيسر مرحوم نثار احمد صديقي اسان کان ھميشه لاءِ وڇڙي ويو جنھن جون خدمتون ملڪ ۽ صوبي لاءِ اھم ھيون اسان ان کي ڪڏھن به وساري نٿا سگھون، جنھن پاڪستان ۾ ڪميونٽي ڪاليجز جو بنياد وڌو جيڪو تمام وڏو ڪارنامو آھي ان لاءِ سنڌ گورنمينٽ ھر قسم جو تعاون جاري رکندي ته جيئن مرحوم نثار احمد صديقي جي ميراث کي ھميشا لاءِ زندہ رکي سگھجي. وزير اعلیٰ سنڌ وڌيڪ چيو ته آءِ بي اي سکر يونيورسٽي کي آءِ بي اي ڪراچي يونيورسٽي سان منسلڪ ڪيو ويو ھو جنھن جي منظوري ان وقت جي وزير اعلیٰ منھنجي والد عبداللٌٰہ شاھ 1990 ۾ ڏني ھئي جنھن کي 25 سالن کان بعد 2017 ۾ مڪمل ڪري يونيورسٽي جو درجو ڏئي اپگريڊ ڪيو ويو جيڪا ھن وقت ملڪ جي بھترين يونيورسٽن ۾ شمار ٿئي ٿي مونکي اميد آھي ته آءِ بي اي سکر يونيورسٽي جي تعليم جي معيار کي اڃان بھتر ڪيو ويندو ھن يونيورسٽي کي دنيا جي ٽاپ ليول يونيورسٽن ۾ برابر رکيو ويندو ھي تمام وڏي خوشي جي ڳالھ آھي ته يونيورسٽي ۾ 5000 ھزار شاگردن مان 70 فيصد شاگردن کي اسڪالرشپ تحت پڙھايو وڃي ٿو . حڪومت سنڌ پنھنجي انڊوومينٽ فنڊ اسڪالرشپ پروگرام ذريعي 200 شاگردن کي آءِ بي اي سکر يونيورسٽي ۾ داخلا لاءِ مدد فراھم ڪري رھي آھي اسان جي ڪوشش آھي ته ان کي وڌائي 300 شاگردن تائين ڪيو وڃي. وزير اعلیٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ چيو ته ھن جديد دور کي سامھون رکندي پنھنجي قوم کي روبو ٽڪس، اي آءِ بگ ڊيٽا ۽ بلاڪ چين جيان ٽيڪنڪل ترقي ڏيڻي آھي. اسان جي حڪومت آءِ بي اي سکر يونيورسٽي ۾ 150 سئو ملين روپين جي مدد سان روبو ٽڪس A ون (CRAIB) بلاڪ چين جي ھڪ جديد مرڪز جي قيام جي منظوري ڏني آھي. آءِ بي اي سکر يونيورسٽي ۽ حڪومت سنڌ جي اداري انفارميشن سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي سان گڏ انڊسٽري ريڊنس بوٽ ڪيمپ جي آغاز سان تمام وڏي خوشي ٿي آھي جيڪو MITUSA جي حڪومت سنڌ جي فنڊنگ جي تعاون سان قائم ڪيو آھي جنھن ۾ فين ليب، گھرن جي تعمير، ڪپڙن جي عمدا بناوٽ، فرنيچر ۽ رانديڪا ٺاھيا ويندا. آءِ بي اي سکر يونيورسٽي پنھنجي مدد جي تحت 1.5 ميگاواٽ کان وڌيڪ بجلي شمسي توانائي سان پيدا ڪئي آھي ان جي ڪري آءِ بي اي سکر يونيورسٽي کي مھيني ۾ 20 لکن کان وڌيڪ بجلي جي بچت ٿئي ٿي. توقعو آھي تہ پنجن سالن ۾ وڌ کان وڌ سرمايا ڪاري ڪري 25 سالن تائين مفت بجلي پيدا ڪندي. سکر آءِ بي اي فيڪلٽي کي AMDISA,SAQS جي ايڪريڊيشن جي ڪاميابي کي مبارڪ باد پيش ڪيان ٿو يونيورسٽي جي معيار کي جاب مارڪيٽن ۾ اوليت ڏني ويندي آھي وزير اعلیٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ آءِ بي اي يونيورسٽي سکر جي شاگردن ۾ 546 ڊگريون تقسيم ڪيون.
مَي 7, 2023